آڪٽوبر مهيني2024 ۾ اسلام آباد واري وڏي احتجاج کان پوء موجودا حڪمرانن اهو طئي ڪيو آهي ته هاڻ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سميٽ انھن جي حامين خلاف ڪو وڏو بندوبست نه ڪيو ويو ته حڪومت نه ھلي سگهندي اسلام آباد ۾ جيڪو تماشو ٿيو اهو هرهڪ ڏٺو طاقتور قوتون پهريون ڀيرو مڪمل طرح پريشان نظر آيون
هاڻ حڪومت هنن سان هڪ هڪاڻي طرف وڌي رهي آهي پر هڪ طرف معاشي بحران آهي ٻئي طرف عالمي حالتون آهن انهن طاقتور ادارن قوتن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي هي حڪومت حڪمران ڪو سبق حاصل ڪرڻ لاء تيار نه آھن پر کين اهو به خوف آھي ته شام جي بشراسد جي حڪومت ڪئين ڪري پئي آمريڪا انهي سموري واقعي پويان آهي پر ظاهري طرح اچي به نٿو جيڪڏهن شام جهڙي رياست ڪري سگهي ٿي ته هي ڇا آھن جيڪي مهينو سر مهينو آ آيم ايف جي قسطن تحت ڪڍي رهيا آهن
هنن کان تحريڪ انصاف ڪنٽرول نٿي ٿئي مطلب سندن داخلي تضاد وڏي شدت اختيار ڪري چڪا آهن هاڻ هي اٻهرا قدم کڻندا ويندا هنن تحريڪ انصاف جي واسطي ۾ آيل سڀني ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي هاڻ ڏسجي ته اهو عمل کين مظبوط ڪري ٿو ياويتر هي ڪمزور ٿي وڃن ٿا هن وقت عالمي سطح تي حالتون ڪافي خراب آهن تحريڪ انصاف انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي نواز شريف جو لنڊن هليو وڃڻ اتي مٿس ٽماٽا بيدا اڇلي خوار ڪرڻ عالمي سطح تي کين خوار ڪرڻ انهن معاملن ۾ تحريڪ انصاف ڪامياب وئي آهي
پاڪستان جي وفاقي جانچ واري اداري (ايف آءِ اي) پوئين مهيني اسلام آباد ۾ تحريڪِ انصاف جي احتجاج دوران رياستي ادارن جي خلاف ڪوڙو تاثر (بيانيو) ڏيڻ جي الزام ۾ ڪيترن صحافين ۽ ’وي لاگرز’ جي خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن.جن صحافين ۽ ’وي لاگرز’ تي مقدما داخل ڪيا ويا آهن انهن ۾ هرميت سنگهه، احمد نوراني، عبدالقادر، حسنين رفيق، سلمان دراني، عمران کٽانا، مريم شفقت ملڪ ۽ رضوان احمد خان شامل آهن. ٻئي پاسي، پي ٽي آءِ جي طرفان اسلام آباد ۾ 38 گولين لڳڻ جي ڪري زخمي ٿيڻ وارن ڪارڪنن ۽ 139 لاپتا ڪارڪنن جي مبينا لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ثبوت ۽ انگ اکر عدالت ۾ ڪٺا ڪرايا ويا آهن.
ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ ’پيڪا ايڪٽ’ هيٺ داخل ڪيل ڪيسن ۾ نامزد ملزمن تي رياستي ادارن جي خلاف ڪوڙو بيانيو ٺاهي ڦهلائڻ ۽ ماڻهن کي اڪسائڻ جا الزام مڙهيا ويا آهن. انهن ڪيسن منجهان گهڻن جون ايف آءِ آرز هينئر تائين سامهون نه اچي سگهيون آهن، پر هڪ صحافي هرميت سنگهه جي خلاف داخل ڪيس جي آيف آءِ آر سامهون آئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صحافي هرميت سنگهه پنهنجي ’ايڪس’ پروفائيل جي ذريعي پاڪستان جي رياستي ادارن جي خلاف بدنيتيءَ تي ٻڌل بيانئي کي هٿي ڏني، جنهن ۾ 24 کان 27 نومبر 2024 جا واقعا به شامل آهن.اڻ ڄاتل فرد گهر ڀاتين کان منهنجي متعلق پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا’ سلمان درانيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته ستين ڊسمبر تي رات جو دير سان سندس رهائش گاهه تي ٻن گاڏين ۾ سوار ماڻهو آيا هيا ۽ سندس گهر ڀاتين کان سندس بابت پڇندا رهيا. هن چيو ته هو گهر تي نه هئڻ جي ڪري بچي ويو، پر ’اڻ ڄاتل فردن’ سندس نگراني ڪيترا ڏينهن اڳ کان شروع ڪئي هئي. ان باري ۾ صحافين جي مختلف تنظيمن جي طرفان به ردِ عمل سامهون اچي رهيو آهي.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي اڳوڻي صحافي شڪيل قرار انهن نوٽيسن بابت چيو ته صحافين کي ان قسم جا نوٽيس جاري ڪرڻ ’’ايف آءِ اي ۽ حڪومت جي بدنيتي آهي’’.هن چيو ته ايف آءِ اي جي ضابطن مطابق ڪنهن به ڪيس جي اڳ ۾ انڪوائري ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري جنهن تي به الزام هوندو آهي ان کي پنهنجي صفائيءَ جو موقعو ڏنو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ مطمئين نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي آهي. تحريڪِ انصاف جي پنهنجي 139 ڪارڪنن جي لاپتا ٿيڻ جي دعوا ٻئي پاسي پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي 139 ڪارڪنن جي لاپتا ٿيڻ بابت ٻڌايو آهي ۽ ان بابت عدالت ۾ هڪ شڪايت جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ جا 139 ڪارڪن هيليتائين لاپتا آهن. بيريسٽر گوهر جي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ وزير اعظم شهباز شريف، گهرو معاملن واري وزير محسن نقويءَ سميت پوليس آفيسرن کي ذمي وار قرار ڏنو ويو آهي.
پي ٽي آءِ عدالت کان انهن سمورن فردن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي گهُر به ڪئي آهي. ڪيس ۾ پارٽيءَ دعويٰ ڪئي آهي ته 12 ڪارڪن ماريا ويا ۽ 38 ڪارڪنن کي گوليون لڳيون آهن.هن سموري صورتحال ۾ حڪومت جي پاران اها دعوي آهي ته اها سموري پروپئگنڊا آهي پڻ مشڪوڪ آهي بهرحال حڪمران طبقن جي اقتدار جي هي جنگ ڪافي اهم موڙ طرف وڌي رهي آهي ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا اهو وقت ٻڌائيندو پر عالمي طاقتن وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان کان هي خطو گهڻو پري ناھي هتي حڪمران طبقن جي سمجهه محدود آهي انڪري هتي به گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ جا امڪان آهن