هر روز صبح جو سوير جڏهن امڙيون پنهنجي ٻارڙن کي سنواري سينگار انهيءَ اميد سان اسڪول ڏانهن موڪلينديون آهن ته اهي پڙهي ڪري پنهنجو مستقبل سنوارين پر جڏهن انهن مائرن وٽ پنهنجا ٻچڙا واپس نه اچن ۽ کين اها خبر ملي ته اسڪول تي دهشتگردن پاران حملو ڪري ٻارڙن ۽ اسڪول جي عملي کي يرغمال بڻايو ويو آهي ته سندن دلين تي ڇا گذريو هوندو ۽ جن به شاگردن کي شهيد ڪيو ويو ته انهن جي والدين لاءِ ان وقت ڇا منظر هوندو، گلڙن جهڙن انهن شاگردن جو آخر قصور ڇا هو.
آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ڪينٽ جي ويجهو وارسڪ روڊ تي واقع آهي، ۽ آرمي پبلڪ اسڪولن ۽ ڪاليج سسٽم جو هڪ حصو آهي، جيڪو سڄي پاڪستان ۾ 146 اسڪول هلائي ٿو حملي واري ڏينهن، اسڪول ۾ ڪل 1,099 شاگرد ۽ اسٽاف رجسٽرڊ ڪيا ويا حملو 16ڊسمبر 2014 تي، تحريڪ طالبان پاڪستان سان لاڳاپيل دهشتگردن پاران صبح 10:30 وڳي ڪيو ويو جڏهن ته 6 هٿياربند ڌماڪيدار بيلٽون پائي اسڪول جي ڀتين کي ٽوڙي اندر داخل ٿيا. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هٿياربندن سوزوڪي بولان ايس ٽي 41 وين کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ هو سوار ٿي آيا هئا. دهشتگرد پاڻمرادو هٿيار ۽ دستي بم کڻي سڌو ڪمپليڪس جي مرڪز ۾ واقع آڊيٽوريم ڏانهن وڌيا ۽ انهن ٻارن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جيڪي اتي فرسٽ ايڊ ٽريننگ تي گڏجاڻي لاءِ گڏ هئا. دهشتگرد، جن ۾ سڀ غير ملڪي هئا، جن ۾ هڪ چيچن، ٽي عرب ۽ ٻه افغاني شامل هئا جيڪي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ اسڪول جي عملي ۽ ٻارن تي فائرنگ ڪري ڏني. 149 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو جن ۾ 132 اسڪولي ٻارن سميت 8 کان 18 سالن جي عمر جي وچ ۾ هئا، اهو دنيا جو پنجون سڀ کان وڏو اسڪول تي ٿيل حملي جو سانحو آهي. جنهن نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا کي به غم زده ڪري ڇڏيو هيو.
پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جي) جي اسپيشل فورسز پاران ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو، جنهن ۾ سمورن 6 دهشتگردن کي ماريو ويو ۽ 960 ماڻهن کي بچايو ويو. جڏهن ته ان سانحي کانپوءِ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو جنهن تحت دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائيون ڪري دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويندو.
مختلف خبرن جي ايجنسين ۽ مبصرن جي مطابق، حملي جي نوعيت ۽ تياري بيسلان اسڪول جي يرغمالي بحران سان بلڪل ملندڙ جلندڙ هئي جيڪا 2004 ۾ روسي فيڊريشن جي اتر اوسيتيا-الانيا علائقي ۾ ٿي.
دهشتگردن جي ٿيل حملن جي جواب ۾ موت جي سزا تي پابندي ختم ڪئي، 2 ڊسمبر 2015ع تي پشاور سانحي ۾ ملوث چئن دهشتگردن کي ڦاهي ڏني. ان قتل عام ۾ ٻن ٻين دهشتگردن پاڻ کي بم سان اڏائي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي حملي جو ماسٽر مائينڊ عمر خراساني 7 آگسٽ 2022 تي افغانستان ۾ روڊ ڪناري بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾مارجي ويو..
ان وقت پاڪ فوج جي (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم باجوا موجب دهشتگردن جو ارادو ڪنهن کي يرغمال بڻائڻ نه هو پر هو چاهين پيا ته هو جيترو ٿي سگهي قتل ڪيو وڃي. جيئن ئي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، ڪيترائي ماڻهو آڊيٽوريم جي ٻئي پاسي ڏانهن ڀڄي ويا ۽ ٻيا ڪيترائي باغ ۾ مارجي ويا. رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن ته شاگرد استادن کي پنهنجي سامهون قتل ٿيندي ڏسڻ تي مجبور هئا ان ۾ پرنسپال طاهره قاضي به شامل هئي، جنهن کي سندس شاگردن جي سامهون ساڙي ماريو ويو. 15 منٽن اندر ايس ايس جي جون ٽيمون اسڪول تي چڙهائي ڪري ٻن طرفن کان گاڏين سميت داخل ٿيون جن فوري طور تي، ايس ايس جي اهلڪارن دهشتگردن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو هٿياربندن اسڪول جي انتظامي بلاڪ ۾ داخل ٿي اتي موجود شاگردن کي يرغمال بڻائي ورتو. انهن مان هڪ کي فوجي اهلڪارن آڊيٽوريم جي ويجهو گوليون هڻي ماريو، جڏهن ته ٻيا پنج انتظامي بلاڪ ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايمرجنسي ٽراما ٽيمون ۽ آرمي ميڊيڪل ڪور جا يونٽ فوجي بڪتربند گاڏين ۾ اسڪول پهتا. ملٽري پوليس جي آرمي ڪور ۽ خيبرپختونخواه پوليس (ڪي پي پوليس) دهشتگردن لاءِ فرار ٿيڻ جا امڪاني رستا بند ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. ان حملي تي پاڪستان ۾ وسيع ردعمل پيدا ٿيو، عوام، حڪومت، سياسي ۽ مذهبي ادارن، صحافين ۽ پاڪستاني سماج جي ٻين ميمبرن طرفان مذمت جو اظهار ڪيو ويو.