درياهه اسان جو جياپو آھي،ڪئنال يا ڊيم اڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين:صنعان قريشي

مٽياري ( ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مٽياري ۾ ربڏنو ميمڻ جي رھائشگاھه تي پھچي پارٽي اڳواڻن توڙي معززين سان  ملاقاتون ڪري مٽياري ڌرڻي جون دعوتون ڏنيو جسقم پاران سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاھڻ خلاف اڄ  مٽياري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو،  ان حوالي سان جسقم چيئرمين مٽياري جو دورو ڪيو ، ان موقعي تي جسقم چيئرمين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياهه اسان سنڌين جو جياپو آھي ان تي ڪو نئون ڪئنال يا ڊيم اڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين،  صنعان قريشي جو چوڻ ھو ته جنھن به سنڌي سنڌو جي سرڪ پيتي آ ان کي درياهه جي بچاءَ جي تحريڪ ۾ لازمي شامل ٿيڻ گھرجي ، ھن چيو ته مٽياري جي غيرتمند پٽن سميت پوري سنڌ جي ھر ان ماڻھو کي ڌرڻي جي دعوت ڏيون ٿا جيڪو سنڌ سان محبت ڪندو ھجي چاھي پوءِ اھو ڪامريڊ ھجي، سياسي ڪارڪن، سماجي يا مذھبي ڪارڪن ھجي سڀني کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا،  صنعان خان قريشي جو چوڻ ھو ته ھڪ پاسي درياهه تي قبضي جي ڪوشش آ ته ٻئي پاسي ڪراچي اسان جي نوجوانن لاءِ  نوگوايريا بڻايو ويو آھي،  جيڪو نوجوان ڪراچي آباد پرڏيھين کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.