وفاقي حڪومت کي آئين سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو: شازيه مري

ڪراچي(م ڊ) پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي آئين سان کيڏڻ نه ڏنو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 158 جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، فيصلا ذاتي نه پر ملڪي مفاد ۾ ڪرڻ گهرجن، ايڪسپورٽ ٿيل مهانگي ايل اين جي جو بار عوام تي نه وجهڻ نه ڏنو ويندو،  پاور پلانٽ کي قدرتي گئس ڏئي عوام کي گئس کان محروم ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ن ليگ حڪومت جي 10 مهينن ۾ سي سي آءِ جو هڪ به اجلاس ناهي ٿيو. آئيني طور تي حڪومت 90 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ جي پابند آهي، وفاق مسلسل آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.