حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساهھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھه تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي.اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نه لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي ته پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياهھ ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا ته سنڌي ماڻھو خاموش رھندا ته اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نه رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا ته حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌو درياھه سنڌ جو ساھه آھي، سنڌو درياهھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياهھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي ته انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا ته سنڌ تباهھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو به پاڻي نه ملندو. گرين پاڪستان منصوبو بنجر سنڌ منصوبو آھي.