گهوٽڪي پوليس جي وڏي ڪارروائي، ڌاڙيلن کي هٿيار اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ميرپور ماٿيلو/ڏهرڪي (نمائندن وٽان ) ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو جي خاص ٽيم ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو جي اڳواڻي ۾ افغانستان کان پنجاب رستي گڊو انٽر چينج وٽان گهوٽڪي ڪچي طرف ويندڙ خطرناڪ جنگي هٿيارن سان ڀريل وين پڪڙي ورتي عورت سميت ٻن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سميع الله سومرو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانستان کان پنجاب رستي خطرناڪ جنگي هٿيارن سان ڀريل وين جيڪا گڊو انٽر چينج وٽان گهوٽڪي جي ڪچي طرف وڃي رهي هئي پڪڙي هڪ عورت قرت العين سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ٻڌايو ته وين ۾ پيل پيتين اندر لڪايل خطرناڪ هٿيار آر 75 گن, راڪيٽ لانچر, مارٽر گولا, اينٽي ايئر ڪرافٽ گن, هينڊ گرنيڊ, سوين گوليون ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ موجب مليل هٿيار انتهائي خطرناڪ آهن جيڪي پوليس جي گاڏين ۽ ٽئنڪن کي نشانو بڻائي نقصان ڏئي سگهن ٿا هوڏانهن اوٻاوڙو ٿاڻي تي گرفتار جوابدارن مٿان ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.