اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 16 ڊسمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صدر طرفان واپس موڪليل 8 بلن تي به غور ڪيو ويندو.ذريعن موجب گڏيل اجلاس ۾ اهم قانون پاس ڪيو ويندو، مدرسن جي رجسٽريشن بابت ”سوسائٽي ترميمي بل“ تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر ”سوسائٽي ترميمي بل“ واپس موڪلي ڇڏيو هو، قانون واري وزارت ان بل ۾ وڌيڪ ترميمون ڪندي.