ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ واڌ،ننڍين گاڏين وارا ذميوار قرار

ڪراچي(رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد حادثن ۾ واڌ آهي، هر روز شهري مارجي رهيا آهن. هلندڙ سال مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 479 ڄڻا فوت ٿي ويا. هلندڙ سال حادثن ۾ 401 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، اهي حادثا گذريل ڪجهه ڏينهن کان وڌي ويا آهن،هن  چيو ته هن سال ٽريفڪ حادثن جا 345 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. شهر ۾ ترقياتي ڪمن سبب ٽريفڪ وڌي وئي آهي. ٽريفڪ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڪراچي پوليس چيف چيو ته روڊن تي موٽرسائيڪل سوارن جا وڌيڪ حادثا ٿين ٿا،ٿاڻن کان غير ذميواراڻي ڊرائيونگ جي ضمانت نه ڏني ويندي. غير ذميواري سان گاڏي هلائڻ وارن کي عدالت مان ضمانت ملندي،57 سيڪڙو حادثا ننڍين گاڏين يا لاپرواهي سبب ٿيندا آهن. ٽريفڪ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.