اوٻاوڙو ڀرسان بدامني جي باهه تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا

اوٻاوڙو (  رپورٽ:  عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو سنڌ سان لڳندڙ پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ ڏوھارين جو راڄ قائم پنجاب پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس بڻيل پنجاب جي ماڇڪي ٿاڻي جي حد چوڪ سويٽرا روڊ  تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين جي سنڌ کان صادق آباد طرف ويندڙ ڪار تي چڙھائي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب ڪار جا ٽائربرسٽ ٿي پياجتي اوٻاوڙي جي ڳوٺ حسوڊھو جا رھواسي ڪار سوار نوجوان سراج سولنگي ۽ رحمت اللہ سولنگي کي نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي  ويا اطلاع باوجود پنجاب  پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروائي نه ڪري سگھي وارث پريشان مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل ان موقعي تي مغوين جي وارث عبدالمجيد سولنگي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان علاج لاءِ ڪار تي صادق آباد اسپتال وڃي رھيا ھئا ته چوڪ سويٽرا روڊ تي بيٺل ڏوھارين سڌي فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب ڪار جا ٽائر برسٽ ٿي پيا جتي ڏوھارين اسان جي ٻنھي نوجوانن کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آھن اسين آئي جي ۔ ڊي آئي جي پنجاب ايس ايس پي رحيميارخان کان اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي اغوا ٿيل نوجوانن کي جلد بازياب ڪرائي گھرن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.