ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 56 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اسڪول هجي يا ڪاليج، ان ۾ مسلسل سڌارن جي ضرورت آهي، چاهي ڪيتريون عمارتون ٺاهيون، جيڪڏهن توهان وٽ سٺا استاد نه هجن ته ان جو ڪو فائدو ناهي. اهڙو اظهار هن ڪميشن پاس ليڪچرارن کي آفر ليٽر ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اسڪائوٽس هال ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن آصف اڪرم، ڊي جي ڪاليجز ڊاڪٽر نويد ربّ صديقي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير ايس پي ايس سي جي سفارش سان اهل قرار ڏنل 833 نون ليڪچرارن ۾ آفر ليٽر ورهايا. ان موقعي تي هن چيو ته شاگردن لاءِ ڪاليج ايجوڪيشن جو مرحلو تمام اهم هوندو آهي. سنڌ جي ڪجهه سرڪاري ڪاليجن ۾ اي-ليول ڪلاسز شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن سرڪاري ڪاليجن جا شاگرد به وڌيڪ اڳتي وڌي سگهن ۽ مقابلي جي هر ميدان ۾ پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن. تقريب کي خطاب دوران صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه نون استادن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سائنسي نمائشون منعقد ٿي رهيون آهن، فلسفو ۽ سائنس جون خوبيون سوال ڪرڻ سيکارين ٿيون. ڪاليجن ۾ بي ايس پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. استاد هجڻ پاڻ ۾ هڪ وڏي ذميواري آهي. استاد اسان جي مستقبل واري راھ جا روشن ڏيئا آهن.” هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جا سڀئي 374 ڪاليج اسان لاءِ اهم آهن، هر ڪاليج ۾ تدريسي عمل کي فعال رکڻ تمام ضروري آهي. اسان کي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي به پنهنجي ٻارن جيان اهميت ڏيئي پڙهائڻو آهي. اسان سڀني استادن کي شهرن ۾ مقرر نٿا ڪري سگهون. ان موقعي تي ڪاليج ليڪچرار جي 7 مضمونن ۾ ڪمپيوٽر سائنس جا 282، سنڌي 219، بوٽني 119، ميٿميٽڪس 106، اسٽيٽسٽڪس 80، ڪيمسٽري 14 ۽ سائڪولوجي جي 13 ليڪچرارن کي آفر ليٽر ڏنا ويا.