ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) انساني حقن ۽ صنفي فرق خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمن جي عورت اڳواڻن، وڪيلن مطالبو ڪيو آهي ته عورتن خلاف صنفي بنياد تي معاشري ۽ سرڪاري، غير سرڪاري ادارن مان منفي روين، تشدد ختم ڪري عورتن ڇوڪرين کي راندين سميت ٻين زندگيءَ پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جو حق ڏنو وڃي، سنڌ ۾ عورتن جي تعليم معاشي ترقيءَ وارن حڪومتي منصوبن تي عمل ڪيو وڃي، عورتن جي فني تعليم ۽ ننڍن شهرن ۽ڳوٺن ۾ گارمنٽس فيڪٽري کولڻ لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، ٻهراڙين، ڪچي ۽ جابلو علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم ۽ هنر لاءِ هنگامي طور ٽن چئن سالن جا خاص منصوبا شروع ڪيا وڃن، ننڍي عمر جي شادين خلاف سنڌ حڪومت جي قانون کي عملي طور لاڳو ڪيو وڃي، جرڳن، سڱ چٽين، دشمنين ۾ عورتن جي اغوائن، وڪري خلاف قدم کڻي ان قسم جا عمل ڪندڙ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، بسن گاڏين، روڊن رستن، سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۽ آفيسن ۾ عورتن کي هراسمينٽ جي واقعن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، عورت ججن، عورت پوليس آفيسرن ۽ ٿاڻن جو تعداد وڌايو وڃي، سرڪاري ادارن، تعليمي ادارن ۽ شهرين ۾ صنفي فرق جي بنياد تي عورتن جي تعليم ترقي ۾ پوئتي ڌڪڻ ۽ مت ڀيد خلاف عورتن جي حقن جي تعليم ۽ صنفي فرق جي خاتمي وارا سبق شامل ڪيا وڃن، عورت پوليو ورڪرن کي ٺيڪيداري نظام بدران مستقل بنياد تي نوڪريون ڏنيون ۽ ڪم دوران تحفظ فراهم ڪرڻ جا خاص انتظام ڪيا وڃن . اها ڳالهه ڪالهه ليگل رائٽس فورم ۽ ويمن ڊولپمينٽ طرفان اقوام متحده طرفان 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين صنفي ايڪٽيوزم جي سلسلي ۾ هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ ڪئي وئي. ان پروگرام جي شروعات ريٽائرڊ جج ماجده رضوي ۽ ٻين ڪامياب عورتن جي ڪهاڻيون پيش ڪرڻ سان ڪئي وئي، ان موقعي تي ويمن ڊولپمينٽ سنڌ حڪومت جي وزير شاهينه شير علي چيو ته پي پي پي جي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اسيمبليءَ شهيد بينظير ڀٽو جي مقصدن ۽ ڪيل واعدن موجب عورتن خلاف صنفي فرق جي بنياد تي موجود منفي روين ۽ رڪاوٽون هٽائڻ خلاف نه فقط قانون سازي ڪئي پر عورتن جي هر ميدان تي ترقي جا رستا به کوليا آهن تقريب ۾ ليگل رائٽس فورم جي سي اي او ملڪ طاهر، نصر الله جلباڻي وڪيل، شيرين اعجاز زنئور ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اڃان تائين صنفي فرق جي ڌٻڻ مان نڪرڻ جي مڪمل ڪوشش نه ڪئي آهي، ملڪ ۾ عورت ججن، ٿاڻن، پناه گاهن ۽ رستن تي حاجت گهرن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جرڳا، سڱ چٽيون، عورتن جو اغوا ۽ وڪرو وڌي رهيو آهي، ٿاڻن ۽ ڪورٽن ۾ عورتن سان صنفي فرق وارو رويو رکيو وڃي ٿو، تقريب ۾ ايس ايس پي شاهلا قريشي، ڊي ايس پي منيشا، صحافي شازيه حسن، ليلا نثار، رابعه بروهي، کدڙي فقير اڳواڻ شهزادي راء، فائزہ علي ۽ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪاميابي ماڻيندڙ عورتن کي مڃتا شيلڊ ڏنيون ويون. پروگرام جي پڄاڻي تي ناليواري واري ڳائڻي فرح لاشاري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي داد حاصل ڪيو.