ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي چيو آهي تھ جيئن ڪنهن کي به پنهنجي ڪمپني کي صنعت جي وزارت سان رجسٽر ڪرڻ جو حق آهي، ائين اسان کي پڻ حق حاصل آهي ته پنهنجي اداري کي تعليم واري وزارت کان رجسٽر ڪرايون.اھڙن خيالن جو اظھار ھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو تھ 2019ع کان مدرسا تعليم جي وزارت سان لاڳاپيل هئا، ان حوالي سان جشن ملهايو ويو، گڏيل مطالبو اهو ھو تھ مدرسن کي عربيءَ واري الحاق تحت وزارت تعليم جي وزارت ۾ رجسٽر ڪيو وڃي،اسان مدرسن جي رجسٽريشن صنعتن واري وزارت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪيون ٿا ، هن چيو ته خوف پکيڙيو وڃي ٿو ته ڪو ايندو ته مدرسن جو نصاب تبديل ڪيو ويندو، جيڪو هتي ممڪن ناهي، مولانا طاهر اشرفي چيو ته مولانا تقي عثماني، مفتي منيب ۽ ٻين عالمن مدرسن بابت معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، اهي سڀئي نامور عالم اسان لاءِ قابل احترام آهن،هاڻي هو انحراف ڪري رهيا آهن،
-
سنڌ جي جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي واڙيل
ڪراچي(م ڊ)سنڌ جي جيلن ۾ قيدين جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، 13 هزار قيدين جي گنجائش واري جيلن ۾ قيدين جو انگ وڌي 24 هزار ٿي ويو آهي.ڊي آءِ جي جيل موجب سينٽرل جيل ۾ قيدين جو انگ 7 هزار کان وڌي ويو آهي، ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ 6 هزار قيدي موجود آهن.ڊي آءِ جي جيل جو چوڻ آهي ته سينٽرل جيل ۾ 2400 ۽ ملير جيل ۾ 2200 قيدين جي گنجائش آهي.19 هزار قيدين جا ڪيس التوا ۾ آهن جن مان رڳو 4500 تي سزا ٿي آهي.
-
جناح هائوس ڪيس: عمران خان جي ڀاڻيجي ۽ حسن نيازي جي ڀيڻ ڏوهي قرار
لاهور ( بيورو+م ڊ ) جناح هائوس حملي ڪيس جي جي آءِ ٽي پي ٽي آءِ جي 8 ڪارڪن کي بيگناهه ۽ حسن نيازي جي ڀيڻ کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.تفصيل موجب ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس تي حملي ۽ گهيرو ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريٽر منظر علي گل ۽ عورت سميت ٻيا جوابدار عبوري ضمانت لاءِ پيش ٿيا.جي آءِ ٽي جاچ ۾ عورتن سميت پي ٽي آءِ جي 8 ڪارڪنن کي بري ڪري ڇڏيو. توصيف خانم، سعديه ايوب، ثروت شاهد، نادرا عمر، وحيد الرحمان، ساجد پرنس ۽ بلال فرحانه فاروق کي بي گناهه قرار ڏنو ويو آهي.جوابدارن جي وڪيلن بي گناهه قرار ڏيندي عبوري ضمانت واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جي آءِ ٽي جاچ ۾ حسن نيازي، نيازي جي ڀيڻ حاجره نيازي، بينا ذيشان ۽ رخسانه نويد کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو. جي آءِ ٽي جاچ ۾ سيد فضمه حيدر، بينا ذيشان، رخسانه نويد کي ڏوهي قرار ڏنو.