ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ پناهگيرن جي وزارت واري آفيس تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ طالبان وزير خليل الرحمان حقاني سميت 6 ڄڻا مارجي ويا. عالمي خابرو اداري موجب طالبان وزير خليل الرحمان حقاني جي ڀائٽي انس حقاني تصديق ڪئي آهي ته سندس چاچو ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. 58 ورهين جي خليل الرحمان حقاني نيٽ ورڪ جو هڪ سينئر اڳواڻ هو ۽ 2021 ۾ افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسي کان پوءِ طالبان جي عبوري حڪومت ۾ وزير بڻيو. افغان گهرو وزارت جي ترجمان عبدالمتين قاني تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪو پناهگيرن واري وزارت جي عمارت اندر ٿيو، جنهن ۾ خليل الرحمان حقاني سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.