سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ واري رٿا ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين: عبدالخالق جوڻيجو

راڻيپور ( ن ع آ )  راڻيپور پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو ۽ سيد شير شاھ ٿيل ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته 55 ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو، جنھن دوران بنگال جدا ڪري ھڪ لڳل رياست بنگلاديش قائم ٿي ويو. جنھن کان پوءِ پنجاب اڪثريت ۾ اچي ويو آھي. ھاڻي جيڪو پنجاب جي مخالفت جي ڳالهھ ٿي پئي ته ان مٿان غداريءَ ۽ ملڪ دشمنيءَ جا ڪيس داخل ٿين پيا. ھنن وڌيڪ اھو چيو ته ان وقت ۾ پنجاب جي بالادستي قائم ھئي. پر انگريز ٿورائيءَ ۾ ھئا ۽ ھندستان وارا ان وقت غلام ھئا.جڏھن ته ھٿيارن جي طور تي مذھب کي استعمال ڪيو پيو وڃي. جڏھن ته جاگيردار ھميشه حڪمرانن جا چاپلوسي رھيا آھن. جيڪو ھنئر به سلسلو ھلندو اچي پيو، اسان جڏھن جي اندروني طور تي مضبوط ھجڻ سان ٻاھرين قوتن ۽ طاقتن سان مقابلو ڪري سگھنداسين. ان کان علاوھه ھنن اھو پڻ ٻڌايو ته قومي ڪارڪن جي سڌاري لاءِ سائين جي ايم سيد وڏو زور ڏنو ھو، جاگيردارن، پير،  ملو رياست جا حامي ۽ چاپلوس رھيا آھن. جنھن جو ذاتي ڪردار صحيح نه آھي. جنھن سان انھن جي قومن تي وڏو اثر انداز رھيا آھن. جيڪڏھن اسان اخلاق سڌارڻ جي ڳالهه ڪئي ته سنڌ آزاد ڪرائي نه سگھنداسين. جڏھن ته مذھب جي مذاحمت سنڌين ڪئي آھي. جيڪا پڻ تاريخ ۾ واضح ملي ٿي. اسان کي ماتم ڪرڻ سان ڪجھ به نه ملندو ان جو علاج ڳولھڻو پوندو. ھنن اھو پڻ چيو ته پنجاب اتيرو ته ملڪ تي حاوي ٿي ويو آھي جو ھو پنھنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي سگهھ رکي ٿو. سنڌ ۾ رھندڙ ڪو به سنڌي سنڌو مٿان ڪئنال ڪڏھن به قبول نه ڪندو. جنھن سان اسان جو معاشي قتل ٿيندو، جيڪو اسان ڪڏھن ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.