گهوٽڪي(رپورٽ : عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ويجهو ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قابل ميربحر ۾ هٿياربندن پاران ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ دوران مذمت تي هٿياربندن گوليو هڻي هڪ ڄڻي شبير لولائي کي قتل ۽ امان الله پٽ عارب ڀيري کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته جاگيراڻي گينگ جي هٿياربندن پاران ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ دوران مذمت تي هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته زخمي امان الله ڀيري جو ٽريڪٽر به هٿياربند ڪاهي فرار ٿي ويا,ٻئي پاسي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪرايو جتان ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو مڙه وارثن حوالي ڪيو ويو,پوليس موجب ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون.