جتي سڃي سنڌ منشيات جي ور چڙهيل آهي ۽ نوجوان تعليمي ادارن جو رخ ڪرڻ بدران منشيات جي اڏن جو رخ ڪري رهيا آهن، جيڪا نهايت ئي خطرناڪ صورتحال آهي، سنڌ جي سياسي سماجي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ هر طبقي جي ماڻهن کي انهيءَ تي آواز اٿارڻ گهرجي، ڪافي دفعا ائين به ٿيو آهي جو سرعام هلندڙ منشيات خلاف ڪنهن صحافي يا باشعور دوست آواز اٿاريو آهي ته ان کي چپ ڪرائڻ لاءِ مٿس حملا ڪرايا ويندا آهن ۽ پوليس به منشيات فروشن جو ساٿ ڏيندي آهي، ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ جي ڳالهه ڪنداسين ته اتان جي تعلقي رپورٽر ثوبيا کوسو منشيات فروشن کي وائکو ڪيو ته پهرين منشيات فروشن جي ساٿاري پوليس مٿس منشيات خلاف نه لکڻ جو دٻاءَ وڌو پر جڏهن هن منشيات جي وڪري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ته اول ته ان جي گهرواري تي منشيات فروشن حملو ڪيو ۽ ٽي ڏينهن پهرين وري شهر وچ ۾ ثوبيا کوسو کي روڪي گارگند ڪئي وئي ۽ ڌڪا ڏنا ويا، اهڙا ڪيترائي مسئلا ٿيا آهن، پر سنڌ حڪومت جيڪا منشيات خلاف مهم هلائڻ جي دعويٰ ڪري ٿي پر اها به منشيات فروشن خلاف ڪو به نوٽيس نٿي وٺي، جتي سموري سنڌ جي پوليس منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي، اتي ٽنڊوجان محمد پوليس به منشيات فروشن سان ياري نڀائڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو آهي.
ٽنڊو جان محمد ۽ ان جي آس پاس ۾ منشيات جي کلي ڇوٽ منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ منشيات فروشن سان پئسن جي ڏيتي ليتي تي منشيات فروشن کي ھٿ ڪيل منشيات واپس ڏئي پئسا وٺي رهي آهي، ٽنڊوجان محمد ۽ ان جي 26 ديھن ۾ منشيات جھڙوڪ سفينا، چرس، آفيم، ڪچو شراب، آئيس، ھيروئن ۽ نشي آور انجيڪشن وکر جيان وڪرو ٿي رھيا آهن، ٽنڊو جان محمد جي ويجھو انب موري تي آئيس، ھيروئن، چرس، آفيم ۽ ڪچو شراب سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي، انب موري تان آئيس ضلعي بدين، جھڏو، نئوڪوٽ ۽ ٻين شھرن جي علائقن ۾ وڪروِ ڪئي وڃي ٿي، ٽنڊوجان محمد سٽي شھر ۾ 20 کان وڌيڪ ڪچي شراب جون بٺيون، ھڪ وائين شاپ ۽ ھڪ ڪيبن تي ھلندڙ ٻه نمبر وسڪي وڏا وڏا سفينا جا ڊيلر جيڪي پنگريو، ملڪاڻي، مھرن جي موري، حيات خاصخيلي، ٽنڊو باگو، ڏيئي، غلام شاھ ۽ کڏھرو تي سري عام وڪرو ڪن ٿا.
ڪجھه ڏينھن پھرين ايڪسائيز پوليس ٽنڊوجان محمد جا ٻه سفينا فروش سفينا سان ڀريل ڪار سوڌو گرفتار ڪيا، جنھن جي ڊيل اڍائي لکن تي ٿي، اڍائي لک وٺي سفينا، ڪار ۽ ٻئي جوابدار ڇڏيا ويا ۽ ڊيل ڪرائيندڙن کي پنجاھ ھزار جوابدار ڌر ڏنا آھن، ھاڻ اچون ٿا ستونجاھ ميل موري جتي پوليس چيڪ پوسٽ به آھي، پوليس چيڪ پوسٽ کان ڪجھه قدمن جي مفاصلي تي ٺري جي وڏي بٺي هلي ٿي جتان روزانو جي بنياد تي پنج سئو ليٽر کان وڌيڪ ڪچو شراب ٺهي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڏسندي به پوليس خاموش آهي، ديھه ھڪ سئو اوڻانوي جتي به ڪيتريون ئي ڪچي شراب جون بٺيون ھلندڙ آھن، ديھه ھڪ سئو اوڻانوي جي رھواسين پاران ڪيترائي دفعا سرعام هلندڙ زهر خلاف احتجاج ڪيا ويا،
ديھه اوڻانوي منشيات جي وڪري جي ڪري تمام گھڻي مشھور آھي، ان کانپوءِ ستانوي ۽ آسپاس شاھ موري، جھڏو ۽ ٽنڊوجان محمد جي حدن ۾ ھڪ ٻي جي مقابلي ۾ ڪچو شراب ٺاهيو وڃي ٿو، ديھه ٻه سئو ٻه کٽياڻ واھ جي ڪپرن تي به 10 کان وڌيڪ ڪچي شراب جون بٺيون آهن، ڏاجيرو موري اسٽاپ جتي جھڏو جي حد جيمس آباد جنھن کي ڪوٽ غلام محمد به چون ٿا ۽ ٽنڊو جان محمد جون حدون گڏجن ٿيون اتي ته ڳڻپ کان به وڌيڪ ڪچي شراب جون بٺيون، چرس جا اڏا، آفيم، سفينا جا اڏا سرعام هلندڙ آهن حد جي آفيسرن جي منٿلي مقرر ٿيل آهي ۽ انهن آفيسرن طرفان موڪليل پوليس اهلڪار ھفتي ۾ هڪ چڪر هڻي منٿلي وصول ڪري روانو ٿي وڃي ٿو، زھريلي ڪيميڪل واري شراب آئيس ۽ ھيروئن گھرن جا گھر تباھ ڪري ڇڏيا آھن، ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي ويون آهن، ڪيترين ئي ڪنوارن جا گھوٽ تڙپندي فوت ٿيا آهن، ڪيترين ئي ڀينرن جا ڀاءُ زندگي وڃائي ويٺا آهن، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن..
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا منشيات بند ٿيندي يا نه ٿيندي. يا سنڌ کي تباھ ڪرڻ لاءِ سنڌي نوجوانن کي رياست ھٿ سان زھر کارائي رھي آھي ته جيئن هو ڪنهن به ظلم خلاف مزاحمت نه ڪري سگهن، صرف منشيات ۾ ئي مصروف هجن، آئون سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ آفيسرن کي اپيل ڪندس ته ٽنڊو جان محمد ۽ ان جي آس پاس هلندڙ منشيات جا اڏا بند ڪرائي نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.