سول نافرماني،  ملڪي صورتحال ۽ عمران خان جو مقصد

تحرير: مبصر

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل پيغام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي قيدين جي آزاديءَ ۽ 9 مئي جي واقعن جي شفاف جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو ويو آھي ۽  مطالبا  نه مڃڻ جي صورت ۾ 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جي تحريڪ  ۽ بائيڪاٽ مھم جو اعلان ڪيو ويو آهي.بيان موجب  سول نافرماني واري تحريڪ ٻن مرحلن تي ٻڌل  هوندي. پهرين مرحلي ۾ ”پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين  رقم موڪلڻ جو عمل محدود ڪرڻ ۽ بائيڪاٽ مهم هلائڻ “  ۽ ٻئي مرحلي ۾ ”ان کان بھ  اڳتي وڃبو“.اھو بيان خميس ڏينهن جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ وقت سامھون آيو  آھي.

ٻئي طرف بيان ۾” اسٽيڪ هولڊرز“ سان ڳالهين جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان جوڙيل ڪميٽي ۾ عمر ايوب خان، علي امين گنڊاپور، صاحبزاده حامد رضا، سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر شامل هوندا. عمران خان پاران ھي پھريون ڀيرو  سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان رقم ملڪ نه موڪلڻ جي گھر نھ ڪئي وئي آھي. ان کان اڳ 2014ع جي اسلام آباد ڌرڻي دوران عمران خان سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪيو هو پر اها ناڪام ٿي.

هڪ طرف تحريڪ انصاف جي حڪمت عملي تبديل ڪندي مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ بائيڪاٽ  ۽  سول نافرماني  جي ڳالھه ڪئي وئي آھي تھ ٻئي پاسي ڳالھين تي زور ڏنو ويو آھي. ڳالهيون ڪنھن سان ڪيون وينديون ؟  ان سوال تي تحريڪ انصاف ماضي ۾ به متضاد بيان ڏيندي رهي آهي.ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ  واري صورتحال جي وچ ۾ عمران خان جي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.سول نافرماني جي تحريڪ ڪنهن جي خلاف ۽ ڳالهيون ڪنھن سان ؟

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ٿيل پيغام ۾،سياسي قيدين جي آزاديءَ . 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي شفاف جاچ جي لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو  مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ مطالبي نھ مڃڻ جي صورت ۾ 14 ڊسمبر کان سول نافرماني جي تحريڪ ۽ بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سول نافرماني تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ ”پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي اپيل ڪبي تھ  اهي رقم محدود  ڪن ۽ بائيڪاٽ ڪن ، ٻئي مرحلي  ۾ ان کان بھ اڳتي وينداسين “پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد ذوالفقار علي(ذلفي) بخاري بي بي سي کي ٻڌايو هو ته عمران خان جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ٿيل بيان سندس سوشل ميڊيا ٽيم هلائي ٿي ۽ عمران خان جا بيان سندس  قانوني ٽيم يعني وڪيلن جي ذريعي ملندا آهن.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تھ  تحريڪ انصاف طرفان ”اسٽيڪ هولڊرز “ سان ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ عمر ايوب خان، علي امين گنڊاپور، صاحبزاده حامد رضا، سلمان اڪرم راجا ۽ اسد قيصر شامل هوندا.بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ” ملڪ ۾ آمريت قائم ٿي چڪي آهي، رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ ھٿين خالي سياسي ڪارڪنن تي گوليون هلايون ويون ۽ پرامن سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي. اسان جا سوين ڪارڪن گم آهن. سپريم ڪورٽ کي هاڻي ان جو نوٽيس وٺي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.“

ياد رهي ته گذريل مهيني جي آخر ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف پاران احتجاج ڪيو ويو هو، جيڪو حڪومت طرفان احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون سان ختم ٿيو  هو.حڪومت ان کي ”گرينڊ آپريشن“ جو نالو ڏنو ويو ۽ ان بعد  حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران  تڪراري دعوائون  سامھون آيون. حڪومت طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته حڪومت طرفان آپريشن دوران گولي نه ھلائي وئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف اڳواڻن مختلف وقتن تي مختلف جاني نقصان جا انگ اکر ٻڌائيندا رھيا.

عمران خان جي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته” اسين  13 ڊسمبر تي پشاور ۾ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وڏو جلسو ڪنداسين. ان ۾ مخالف ڌر جي سياسي پارٽين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي.“سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا جيڪو تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ڪميٽي جو حصو آهي.ھڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي قبوليو تھ ڳالهين واري ٽيم جو حصو آهي.ان سوال جي جواب ۾ تھ ڳالهيون ڪنهن سان ٿينديون،  ڇاڪاڻ  ته حڪومت سان ڳالهين کان عمران خان  صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، صاحبزاده حامد رضا جو جواب ھو ته ”اسان کي ٻڌايو ويو هو ته عمران خان عمر ايوب کي تفصيلن کان آگاهه ڪيو آھي”عدالت ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو ته ” خان صاحب ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي ڳالهيون ڪرڻيون ھونديون تھ ڪري وٺندي.هنن عمر ايوب کي گرفتار ڪري ورتو، شايد ھنن کي جيل ۾ئي ڳالهيون  ڪرڻيون ھيون.“

ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي بي بي سي اردو جي رپورٽر عزيز الله خان کي ٻڌايو ته عمران خان عمر ايوب جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڳالهين واري ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن معاملن تي ڳالهيون ڪري سگهجن.بهرحال، هن الزام لڳايو ته ”حڪومت سنجيده ناهي، انهن جا وزير سنجيده نه آهن ۽ انهن وٽ ڪو اختيار بھ ناهي.“ ”ان ڪري اسان چئون ٿا ته اسان ڳالهيون بااختيارماڻھن سان ڪرڻ چاهيون ٿا“. سول نافرماني ۽ بائيڪاٽ مهم جو ڪھڙو مطلب آهي؟

ياد رهي ته آگسٽ 2014 ۾ اسلام آباد ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ کانپوءِ  ڌرڻو ھڻندڙ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ان وقت سول نافرماني  تحريڪ جو اعلان ڪندي، ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ  لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت ڏنو ويو هوعمران خان ان پنهنجي زندگيءَ جي اهم ترين تقرير قرار ڏيندي چيو ته اسان سول نافرماني جي مهم شروع ڪنداسين ۽ جيستائين نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو، تيستائين ٽيڪس نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ٽيڪس ڏنو ته اھو هي ڪرپٽ حڪمران کائي ويندا. ‘اهڙو اظهار ڪندي هن تقرير دوران بظاهر بجلي جو بل به ساڙي ڇڏيو ھو. پر نه ته اها تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ نه ئي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏني، بلڪه تحريڪ انصاف ھڪ ڊگھي ڌرڻي ھڻڻ بعد، تڏھن  آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ ان کي ختم ڪرڻو پيو ھو.

عمران خان جي ايڪس اڪائونٽ تان شيئر ڪيل ٽوئيٽ ۾ بائيڪاٽ مهم جو به ذڪر ڪيو ويو آهي پر اهو واضح ناهي ته اها مهم ڪنهن جي خلاف هلائي ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو ته عمران خان چيو آهي ته” جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني  ملڪ ۾ رقم موڪلڻ بند ڪري ڇڏين“.هن چيو ته ھي نظام  آءِ ايم ايف تي نھ پيو هلي، اهو اوورسيز پاڪستانين جي محنت جي ڪمائي سبب هلي رهيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي بي بي سي کي ٻڌايو ته سندس پارٽي جي ايجنڊا چٽي آهي ۽ هو سمورن بيگناهه سياسي قيدين جي آزادي چاهين ٿا.پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ فوجي پروڊڪٽس جي بائيڪاٽ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. ڪارڪن پنهنجي مرضي سان ڪري رهيا آهن، اهڙو ڪو به فيصلو منهنجي نوٽيس ۾ ناهي.شير افضل مروت چيو ته سول نافرماني تمام خطرناڪ ھوندي. پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ملڪ جي معيشت يا ڪنهن اداري کي ٽارگيٽ بڻائڻ نٿا چاهين، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي.صحافي تنوير ملڪ موجب، ترسيل رقم اصل ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪنهن به ملڪ جي شهرين طرفان موڪليل رقم آهي. اها پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مستحڪم رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب آڪٽوبر 2024ع ۾ پرڏيھي رقم سالياني موڪليل 24 سيڪڙو جي واڌ 3 ارب ڊالر ھئي. جولاءِ کان آڪٽوبر دوران ڪل ترسيل رقم 35 سيڪڙو وڌي 11.8 ارب ڊالر ٿي وئي.اسٽيٽ بئنڪ  موجب تحريڪ انصاف جي دور ۾ آخري  مالي سال ۾  اھا 31.2  ارب  ڊالر ھئي. گذريل مالي سال ۾ اھا رقم 30.3 ارب تائين پھچي وئي ھئي.لمز يونيورسٽي سان لاڳاپيل اقتصاديات  ماهر ڊاڪٽر علي حسنين جو خيال آهي ته هن تحريڪ ذريعي ترسيل رقم جو گهٽجڻ  ڏکيو نظر اچي ٿو.هن بي بي سي کي ٻڌايو تھ  ”پرڏيهه مان ماڻهو پنهنجي خاندان جي خوشحالي لاءِ پئسا موڪلين ٿا ۽ مان نٿو سمجهان ته ڪنهن سياسي فيصلي سان ڪا تبديلي ايندي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.