ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڪٺور دل پٽن هٿان جيجل امڙ قتل

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تي ظالم پٽن ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ پيش آيو.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن  جو ماءُ سان ملڪيت جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، جنهن بعد جوابدارن امڙ کي گلي ۾ رسو وجهي قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدار مختار ۽ خليل ماءُ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.واقعي کانپوءِ جوابدارن جي ڀاءُ جي فرياد تي  قتل ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.