آرمي چيف کي ججن کان شڪايت آهي ته رڳو خط لکن ٿا ڪيس نه ٿا اڪلائين: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آرمي چيف کي نظام کان شڪايت  آهي ته 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن يا ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته 26 نومبر تي واقعو نه ٿئي ها، هڪ ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته آرمي چيف کي حڪومت کان وڌيڪ سپريم ڪورٽ ۽ معزز ججن کان شڪايت آهي، جيڪي خط مٿان خط لکن ٿا پر ڪيس اڳتي نه ٿا وڌائين، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 26 نومبر کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي،”جيڪڏهن هنن هاڻي سول نافرماني واري تحريڪ شروع ڪئي ته اها بُري طرح ناڪام ٿيندي، پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ٽيم نان اسٽارٽر آهي، ڳالهين جي مشروط آڇ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٿي سگهي ٿي،”ڪنهن به سياسي تڪرار جو حل سياسي ڳالهين ۾ آهي.سينيٽر فيصل واوڊا جي ڪنهن نئين سيٽ اپ بابت سوال تي هن چيو ته نظام جا ڪجهه ماڻهو لاوارث آهن پر اهي نظام کان ٻاهر نٿا وڃي سگهن، اهي نظام جي ترجماني نه ڪري رهيا آهن،  اسان کيس سينيٽر بڻائي وساري ڇڏيو آهي، ان ڪري کيس ڪجهه ياد ڏياريو وڃي. مان وزيراعظم کي چوندس ته کين به ڪجهه بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.