لاهور(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. اسان 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو پر بدقسمتي سان دهشتگردي جي لعنت ٻيهر اڀري آئي آهي، دهشتگردي جي خاتمي تائين چين سان نه ويهنداسين، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. پاڪستان نيول وار ڪاليج لاهور ۾ 7هين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ بحريه هر قسم جي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.وزيراعظم چيو ته مون کي سٺي خبر آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي اسان جي بهترين دوست چين طرفان پيغام مليو ته هو هڪ ٻيو وفد پاڪستان موڪلڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن سمنڊ هيٺ موجود قدرتي وسيلن جي ڳولا ڪري سگهجي. شهباز شريف چيو ته اڄ جي دور ۾ بليو اڪانومي کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، پاڪ بحريه سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. گوادر بندرگاهه مرڪزي حيثيت رکي ٿي. شهباز شريف وڌيڪ چيو تهدهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا ۽ 3 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، چين ٿڏي تي نه ويهندو جيستائين دهشتگردي جو خاتمو نه ٿو اچي.