ڪرم ۾ جرڳو، جهيڙيندڙ ڌرين ۾ اڻ ڄاڻايل مدي تائين جنگ بندي جو فيصلو

ڪوهاٽ (م ڊ) ڪرم ۾ ٿيل گرينڊ جرڳي اڻ ڄاڻايل مدي تائين جنگ بندي جو فيصلو ڪري ورتو. اهو به طئي ڪيو ته جرڳي جي حتمي فيصلي تائين مورچا خالي رهندا. وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايتن تي ڪرم ۾ امن لاءِ گرينڊ جرڳو ٿيو. ڪمشنر ڪوهاٽ ڊويزن جي سربراهي ۾ ڌرين جي 100 کان وڌيڪ اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڊي آءِ جي ڪوهاٽ ڊويزن شير اڪبر خان به موجود هو. مشاورت کانپوءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو. ڌرين اتفاق ڪيو ته جنگ يا جهيڙي سان ڪنهن مسئلي جو حل ممڪن ناهي، ڏهاڪن تي ٻڌل مسئلي جي مستقل حل لاءِ وقت گهربل هوندو، ٻنهي طرفن کان اعتماد جي ضرورت هوندي. ڪمشنر ڪوهاٽ موجب، حڪومت ذميواريون ادا ڪندي، هر صورت عمل يقيني بڻائيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.