ڪجهه ڌريون نوجوانن کي انتهاپسندي طرف ڌڪڻ چاهين ٿيون: بلاول

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تھ ملڪ ۾ نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، پر سندس اها دلي خواهش آهي ته نوجوان اڳتي قدم وڌائيندي پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اھڙن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏھاڙي ڪراچي جي علائقي لياري ۾ فٽبال گرائونڊ ۽ پنڪ فٽبال ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، راندين واري صوبائي وزير سردار  محمد بخش خان مهر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته اڄ مان تمام گهڻو خوش آهيان ته لياري ۾ورلڊ ڪلاس جو فٽبال گرائونڊ ٺاهيو ويو آهي ۽ اها اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه اھا آهي ته سڄي صوبي مان عورتون فٽبال مقابلن ۾ حصو وٺنديون. هن ياد ڏياريو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح چيو هو تھ جيستائين ڪنهن ملڪ ۾ 50 سيڪڙو عورتون ترقي واري عمل ۾شامل نه ٿينديون، تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو. هن چيو ته سندس والده محترمه بينظير ڀٽو عورت جي حيثيت سان ٻه ڀيرا ملڪ جي وزيراعظم رهي وطن جي خدمت ڪئي. هن چيو ته اسان وٽ اڃا به اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو موجود آهن جيڪي عورتن کي پوئتي ڌڪي رهيا آهن. هن چيو ته هتي موجود عورتون اھڙي سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ بهترين جواب آهي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جون عورتون سموري دنيا اندر عملي طور تي ڪردار ادا ڪنديون آھن، ڇاڪاڻ ته اهي ڏاڍيون باصلاحيت آهن، اھو ئي سبب آھي جو اڄ لياري ۾ عورتون فٽبال راند ۾ حصو وٺي رهيون آهن، ايندڙ وقت ۾اهي ئي عورتون عالمي سطح تي ملڪ جي نمائندگي ڪنديون.هن چيو ته سنڌ حڪومت جو شڪر گذار ٿيڻ گهرجي جو  ان اھڙو مثبت قدم کنيو آھي. بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ جي ستر سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان ترقي ڪندا ته ملڪ به ترقي ڪندو.  لياري جا ماڻهو ملڪ اندر هر جمهوري جدوجهد وارن مقصدن ۾ هميشه اڳيان رهيا آهن. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري هن شهر ۽ علائقي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پھريون ڀيرو لياري جي عوام جي محنت جيالو ميئر ڪري رھيو آھي. ميئر ڪراچي کي چيو ته ڪي ايم سي جو ڪم به لياري ۾ وڌ کان وڌ ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير کي هتي فلڊ لائيٽ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ته جيئن نوجوان سولائيءَ سان راندين جي ميدانن ۾ کيڏي سگهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ڪندي لياري ۾ فٽبال گرائونڊ تحفي ۾ ڏيڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته راندين جي ميدان ۾ سنڌ جيتري سيڙپڪاري ڪنهن به ٻئي صوبي ناھي ڪئي. هن چيو ته اسان هر ضلعي ۾ فٽبال، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي جا گرائونڊ ٺاهيا آهن.تقريب ۾ اعلان ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته فوٽ بال گرائونڊ کي مڪمل ڪرڻ واري بلاول ڀٽو جي ڪيل اعلان تحت سڀاڻي (اڄ) صبح جو مون کان چيڪ ورتو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو تھ 23 مارچ تي پ پ چيئرمين وري ايندو. چيمپيئن شپ نئين تعمير ٿيل لياري انٽرنيشنل فٽبال گرائونڊ تي کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي مخلتف شهرن: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، بينظير آباد، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر جون ٽيمون شامل آهن، اھڙي طرح سان چيمپيئن شپ ۾ ڪراچي جون 9 ڪلبون پڻ حصو وٺي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.