چمبڙ جي تعلقه رپورٽر ثوبيا کوسي جي رپورٽ موجب چمبڙ جي عدالت ۾ پاڻي جي قدرتي لنگهن جي بحالي لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب چمبڙ مان گذرندڙ ٽن وڏن ۽ ٻن ننڍن ڍورن جي هزارين ايڪڙ زمين تي بااثر وڏيرن قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ڍوري جي زمينن تي وڏيون وڏيون بلڊنگون، اوطاقون ، مال جا واڙا تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن، ۽ باقي زمين ۾ فصل پڻ پوکيا آهن، عوام آواز طرفان ڪيل سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نصيرڪئنال جي پاسي مان نڪرندڙ سرڪاري ڍورو جيڪو سڀ کان وڏو ڍورو آهي ۽ سڀ ننڍا ڍورا ان مان گذرندا آهن ان تي مڪمل طور بااثر وڏيرن قبضا ڪري رکيا آهن، هڪ ڍورو جيڪو بڪيرا کان ٿيندو چمبڙ ايندو آهي چمبڙ جي مختلف ڳوٺن مان گذرندو ٽنڊومحمد خان کان ٿيندو ماتلي طرف ويندو آهي انهيءَ ڍوري جي ويڪر هڪ ڪلوميٽر کان به وڌيڪ آهي، ٻيو ڍورو شهدادپور کان نڪرندو آهي جيڪو مختلف شهرن مان ڪراس ڪري چمبڙ تعلقي ۾ داخل ٿئي ٿو، ۽ اهو سنجرچانگ جي اولهه طرفان کان نصيرڪينال جي پاسي مان گذرندو آهي انهيءَ ڍوري تي وڏيرن قبضا ڪري رکيا آهن، ٽيون ڍورو بڪيرا کان کان ٿيندو چمبڙ تعلقي ۾ اچي ٿو ۽ اتان چمبڙ جي مختلف ڳوٺن کان گذرندو تاريخي ماڳ اگهم ڪوٽ جي وچ مان ٿيندو سنجرچانگ واري وڏي ڍوري سان اچي ملي ٿو، چمبڙ شهر جي وچ مان گذرندڙ ڍورو محمد شاهه قبرستان مان جنهن جا آثار ملن ٿا اتان ٿيندو چمبڙ ناڪو، پراڻي مال پڙي ، سمن سرڪار واري اوطارو، شيراڻين جو ڳوٺ ڪراس ڪندي مين سنجرچانگ ڍوري ۾ پئي ٿو، چمبڙ ٽنڊوالهيار روڊ جي اولهه پاسي واري ڳوٺن، زمينن جو پاڻي انهيءَ ڍوري وسيلي نڪرندو هو، پر هينئر ان تي بااثرن جا قبضا آهن. عوامي آواز طرفان ڍورن تي ڪيل قبضي جي باري ۾ سروي جي سلسلي ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ويو ، جن ٻڌايو ته چمبڙ مان گذرندڙ جيڪي به ڍورا آهن انهن تي بااثرن جو قبضو آهي ۽ ان ڪري ئي بارشن ۾ هر سال ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ، جيئن 2022 ۾ تيز برساتون وسڻ ڪري ۽ ڍورن تي قبضن جي ڪري سمورو چمبڙ ٻڏي ويو هو، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل به تباهه ٿي ويو،ڳوٺن ۾ پنج کان ڇهه فٽن تائين پاڻي بيهي ويو هو، ڪيترائي معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ان بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا هئا، ماڻهن جو چوپايو مال به پاڻي ۾ لڙهي مري ويو هو، اربين روپين جو نقصان ٿيو پر پوءِ به ڍورن تان قبضا ختم نه ڪرايا ويا ۽ نه ئي وري انهيءَ ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو ويو، تازو ئي چمبڙ جي رهواسين طرفان ڍورن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پٽيشن ڪئي وئي هئي پر ڪورٽ جي آرڊر کانپوءِ به ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالهيار ڪورٽ سڳوري اڳيان اعتراف ڪيو ته هو ڍورن تان قبضا ختم نٿا ڪرائي سگهن، جنهن تي جج صاحب به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 19 تاريخ تائين ڍورن تان قبضا ختم ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو، ڍورن جي هزارين ايڪڙ زمين آهي جتي بااثرن قبضو ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن ۽ ڍوري کي مڪمل طرح بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري برساتن جو پاڻي تعلقي چمبڙ مان نڪري ئي نٿو، ۽ ڳوٺن ۾ بيٺل هوندو آهي جنهن ڪري پهرين به ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي پر حڪومت نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڍورن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم به ڏيئي چڪي آهي.
هيءَ رپورٽ ته چمبڙ جي ٽن وڏن ڍورن تي قبضن جي آهي پر اها ساڳي وقت سڄي سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿي. ان جو اندازو اسان کي سال 2010 واري ٻوڏ ۾ خاص ڪري ٿيو جڏهن اهو انڪشاف ٿيو هو ته عام ڍنڍون ڍورا ته ٺهيو سنڌو درياهه جي فطري لنگهن تي به قبضا ڪيا ويا جنهن ڪري ان مها ٻوڏ جي پاڻي کي فطري دڳ نه پيو ملي جو اهو ٻوڏ جو پاڻي سڌو رستو وٺي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري. فطري لنگهن تي قبضن جي ڪري پوءِ ٻوڏ وارو پاڻي وڏن شهرن ۾ ئي ڦرندو رهيو هو.
سو ان پس منظر ۾ اسان درياهه توڙي ڍنڍن ڍورن جي فطري لنگهن کي خالي ڪرائڻ ۽ قبضا ڇڏائڻ وارين عدالتي ڪوششن کي انتهائي وقتائتو ۽ ڪارائتو ڪم سمجهون ٿا ۽ ان عمل جي آجيان ڪريون ٿا. اصولي طور تي ته سنڌ حڪومت کي اهو ڪم پاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ ڍنڍن ڍورن جي فطري لنگهن تان پاڻمرادو قبضا ختم ڪرائڻ گهرجن.
قبضو يا ڪو به غير قانوني ڪم هڪ انچ جو به هجي ته حڪومت کي اهو نه ڪرائڻ گهرجي. پر افسوس ته سڄي سنڌ جي زمين ڄڻ ته قبضا لينڊ مافيا جي حوالي ٿيل آهي، اهو سڀ يقيني طور تي لاقانونيت جو نتيجو آهي پر اها ته حد ٿي وئي جيڪڏهن سنڌو درياهه ۽ ڍنڍن ڍورن جي فطري لنگهن تي به قبضا ٿيل هجن. سو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ کي لينڊ مافيا جي قبضن کان آجو ڪيو وڃي، ان معاملي تي ته عدالتن کي پاڻمرادو به نوٽيس وٺڻ گهرجن ۽ نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجن پر پنهنجي فيصلن تي عمل به ڪرائين پر هتي اهو به ڏٺو ويو آهي جيئن مٿين رپورٽ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ڍنڍن ڍورن تي قبضن جي منع نامي باوجود ڍنڍن ڍورن تي قبضا برقرار آهن. اسان جو خيال آهي ته سپريم ڪورٽ کي به پنهنجن فيصلن تي عمل نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي تڏهن ئي سندس حڪمن تي عمل ٿيندو، ٻي صورت ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ واري افسوس جوڳي روايت وڌندي ويندي.