گذريل هفتي کان اسان تحقيق جي چئن اهم شعبن جي ترقيءَ جو هفتيوار جائزو وٺڻ شروع ڪيو آهي گذيل هفتي اسان ان حوالي سان مصنوعي ذهانت (A1) ، خلائي تحقيق ۽ موسمياتي تبديلين جي تحقيق ۽ بايو ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀراين جو جائزو ورتو هو . جنهن جو اڄ آخري حصو پيش ڪري رهيا آهيون.
2012 ۾ جينيفر ڊوڊنا (Jennifer Doudna) ۽ امينيوئلي چارپينٽيئر (Emmanuelle Charpentier) گڏيل تحقيق ۾ اهو دريافت ڪيو ته جينس ۾ ڪنھن مضمون (Text) يا ڪمپيوٽر ڪوڊ جيان ڦيرڦار (Edit) به ڪري سگهجي ٿي. هن طريقي کي ڪرسپر (Crispr) جين ايڊيٽنگ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. بايوٽيڪنالاجي ذريعي هاڻي اسان ڪنھن به جاندار جي جينيات (Genetics) ۾ سڌو سنئون مداخلت ڪري سگهڻ جي قابل ٿي ويا آهيون. ڪرسپر، ڊي اين اي جي ترتيبن (Sequences) کي هڪ حياتياتي مددگار Cas9 جي ذريعي هڪ قينچيءَ وانگر ڊي اين اي جي لڙهيءَ جي حصن کي ڪتريندو آهي. هن طريقي سان هڪ پتڪڙي بئڪٽيريا کان وٺي هڪ وڏي ٿڻائتي جانور جيئن انسان جي جينوم ۾ ڦيرڦار ڪري سگهجي ٿي. هن ٽيڪنالاجي جا اثر بيشمار ٿي سگهن ٿا. جيئن مثلاً جنسي گهرڙن – جيڪي آنا ۽ نر جزا (Sperms) ٺاهيندا آهن، ۾ ردوبدل (Editing) ڪرڻ جو مطلب اهڙيون تبديليون ڪرڻ هوندو جيڪي نسلن تائين قائم رهنديون.
ڪرسپر تحقيق تي ڇپيل پھرين مقالن کان پوءِ ان طريقي کي تيزيءَ سان عملي جامو پھرائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان ڏس ۾ پھريان جينن ۾ ڦيرڦار ڪيل (Gene-edited) ٻوٽا هڪ سال جي اندر ئي پئدا ڪيا ويا.
جينيٽڪ انجنيئرنگ جون هي ٽيڪنالاجيون جيئن ڪرسپر اڄڪلهه سوليون ۽ سستيون ٿي ويون آهن. حياتياتي ماهر نيساڪئيري (Nessa Carey) جي لفظن ۾ ”هنن ٽيڪنالاجين حياتياتي سائنسن کي جمھوري بڻائي ڇڏيو آهي“. اهي تجربا جيڪي ڪڏهن سال کائيندا هئا، هاڻي ڪاليجي شاگردن طرفان ڪجهه هفتن ۾ ڪري سگهجن ٿا.
ڪرسپر طريقي کي مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مثال طور وٽامن ڊِي سان ڀرپور ٽماٽن کي پئدا ڪرڻ، پئدائشي بيمارين جي علاج لاءِ جيئن سِڪل سيل بيماري، ٿيليسيميا بيماري. مستقبل ۾ هي طريقو ڪووڊ – 19، ايڊز (HIV)، سِسٽڪ فائبروسز (cystic Fibrosis) ۽ ڪئنسر (Cancer) لاءِ علاج مھيا ڪري سگهي ٿو.
Odin ڪمپنيءَ جيان هاڻي کوڙ ڪمپنيون ميدان ۾ اچي ويون آهن، جيڪي توهان کي هڪ جينيٽڪ انجنيئرنگ ڪِٽ (Genetic Engineering Kit) رڳو 1999 ڊالرن ۾ وڪرو ڪري ڏئي سگهن ٿيون.
هاڻي توهان 25000 ڊالرن ۾ ڊي اين اي سنٿيسائيزر (DNA Synthesizer) خريد ڪري سگهو ٿا. (پڙهو ڪتاب: دِي ڪمنگ وَيوَ: مصطفيٰ سليمان)
نيون جِينس ٺاهڻ (Gene Synthesis)
جين سنٿيسز (Gene Synthesis) جو مطلب آهي جينياتي ترتيبن جي مصنوعات سازي (Manufacture of genetic sequences) يعني ڊي اين اي جون لڙهيون ڇاپڻ (Printing Strands of DNA).
جيڪڏهن ڊي اين اي جي لڙهين کي ترتيب ڏيڻ، انھن کي پڙهڻ (reading) آهي ته پوءِ انھن لڙهين کي ٺاهڻ، انھن کي لکڻ (Writing) آهي.
ڊي اين اي جي لڙهين کي لکڻ جو مطلب صرف اهو ناهي ته ڄاتل لڙهين کي ٻيھر پئدا ڪرڻ پر هي عمل سائنسدانن کي ان قابل به بڻائي ٿو ته اهي نيون لڙهيون لکن/ ٺاهن. ٻين لفظن ۾ هو خود زندگيءَ کي ٺاهن / پئدا ڪن (Engineer life itself).
هي عمل شروع ۾ تمام ڏکيو ۽ گهڻو وقت وٺندڙ هو پر هاڻي سائنسدان ڊي اين اي جي ڪروڙين لڙهين کي هڪدم ڇاپي سگهن ٿا ۽ اهو به تمام گهٽ قيمت تي. لنڊن ڊي اين اي فائونڊري (The London DNA Foundry) جيڪا لنڊن جي امپيريل ڪاليج ۾ موجود آهي، اها دعويٰ ڪري ٿي ته اها هڪ صبح جو 15 هزار مختلف جينياتي جوڙ جڪون (Genetic Designs) پئدا ڪري سگهي ٿي ۽ چڪاسي سگهي ٿي.
DNA Script جھڙيون ڪمپنيون دي اين اي پرنٽرس (DNA Printers) وڪرو ڪري رهيون آهن، جيڪي حياتياتي مددگارن کي سکيا ڏئي نوان ڊي اين اي ماليڪيول ٺاهيندا.
اهڙي طرح اڄ مصنوعي/ تخليقي/ مشيني حياتيات (Synthetic Biology) جي هڪ نئين علم جي شاخ جو بنياد پئجي رهيو آهي. هي علم اسان کي زندگيءَ جي ڪوڊ کي پڙهڻ، ان ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۽ ان کي نئين سري سان لکڻ جي قابل بڻائي رهيو آهي.
هن علم ارتقا جي فطري عمل کي انسان جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي هو جيئن چاهي حياتياتي ارتقائي عمل کي ان طرف موڙي سگهي ٿو ۽ پنھنجي مرضيءَ سان ان کي تشڪيل (Design) ڪري سگهي ٿو. هن طرح سان ارتقا جي ڪروڙها سالن جي تاريخ کي انسان، مرضيءَ جي مداخلت ڪري سُسائي (Compressed) ۽ مختصر ڪري سگهڻ (Short Circuited)، جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي.
مصنوعي/ تخليقي حياتيات (Synthetic Biology) بايوٽيڪنالاجي، ماليڪيولر بائلاجي ۽ جينيٽڪس کي ڪمپيوٽر جي ڊزائين ٽولس سان گڏائي رهي آهي.
1960 تائين ڪمپيوٽر چپس جيان (جيڪي اڪثر ماڻهن جي هٿن سان ٺھيل هونديون هيون) گهڻي بايوٽيڪ تحقيق به انساني هٿن سان ڪئي ويندي هئي جيڪا تمام ڀاري ۽ سست هوندي هئي پر هاڻي اڄ جي ڪمپيوٽر چپس ۽ سافٽيوئر جي مدد سان هيءَ سائنس ساهوارين شين کي تيزيءَ سان گهڙيندي ۽ پئدا ڪندي.
اسٽينفورڊ جي بايو انجنيئر ڊريو اينڊي جي لفظن ۾ ”حياتياتي علم (Biology) آخري ورهايل مصنوعات سازي ڪندڙ پليٽفارم آهي“.
(Biology is the Ultimate Distributed Manufacturing Platform). مشيني حياتيات (Synthetic Biology) جو سچو وعدو اهو هوندو ته اها ماڻهن کي ان قابل بڻائيندي ته اهي وڌيڪ سڌي نموني ۽ آزاديءَ سان اهو ٺاهن جيڪو به کين کپي.
جڳ مشھور دانشور يووال نوح هراري چئي ٿو ته بايو انجنيئرنگ ۽ مصنوعي ذهانت اسانجن جسمن ۽ ذهنن کي نئين سر تشڪيل (Re-engineer) ڪري سگهن ٿا.
اڄ ڊي اَين اَي کي مشين مان ٺاهڻ (DNA Synthesizer) جي قيمت تيزيءَ سان ڪِري رهي آهي. ڪجهه هزار ڊالرن ۾ توهان ڊي اَين اي جي مصنوعات سازي (Manufacture DNA) گهر ويٺي ڪري سگهو ٿا.
زندگيءَ جا نوان روپ پئدا ڪرڻ (Synthetic Biology)
سائنسدانن جي هڪ ٽيم 2010 ۾ ڪريگ وينٽر (Craig Venter) جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ بئڪٽيريا مائيڪو پلازم مائڪئاڊس (Mycoplasma Mycoides) جي جينوم کي هڪ نئين جِيوگهرڙي ۾ داخل ڪيو (Transplanted) جيڪو پاڻ کي دهرائڻ لڳو (Replicate). هنن دعويٰ ڪئي ته اهو زندگيءَ جو هڪ نئون روپ – سنٿيا (Synthia) آهي. 2016 ۾ هنن 473 جينس وارو هڪ ساهوارو (Organism) پئدا ڪيو.
2019 ۾ ETH زيورچ ۾ هڪ ٽيم مڪمل طور تي ڪمپيوٽر تي تيار ڪيل پھريون بئڪٽيريل جينوم پئدا ڪيو: ڪئالوبئڪٽر اٿينسز (Caulobacter Ethensis 2.0) وينٽر جي تجربن جي قيمت لکين ڊالرن ۾ هئي پر زيورچ ٽيم هي ڪم هڪ لک ڊالرن جي اندر ڪري ڏيکاريو ۽ هاڻي گلوبل جي پي-رائيٽ ڪنسورشيم (Global GP write Consortium) هٿراڌو جينوم پئدا ڪرڻ ۽ انھن کي چڪاسڻ جي قيمت کي ڏهن سالن اندر هڪ هزار دفعا گهٽ ڪرڻ جي هام هنئي آهي.