حڪومت ڇڙواڳ اظهار جي آزادي جي اوٽ ۾ زهر اوڳاڇڻ خلاف سخت قانون بڻائي

راولپنڊي(ع آ نيوز/م ڊ) فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت بي لغام اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ زهر اوڳاڇڻ خلاف سخت قانون ٺاهي.  آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ٻن ڏينهن واري 84هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته حڪومت بي لغام ۽ غير اخلاقي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ زهر اُڇلڻ خلاف سخت قانون ٺاهي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرن ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي شروعات ۾ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. فورم پاڪستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پاڪستاني شهرين ۽ اسلام آباد ۾ تازو پرتشدد احتجاج جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو فورم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي پڻ مذمت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي غزه ۾ جاري ظلمن جي سخت مذمت ڪئي ۽ غزه ۾ جاري فوجي جارحيت جي خاتمي لاءِ عالمي قانوني قدمن جي پڻ حمايت ڪئي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي موجوده صورتحال جي حوالي سان ٻاهرين ۽ اندروني خطرن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جو به جائزو ورتو. ان کان علاوه فورم بلوچستان ۾ دهشتگردن خاص ڪري بي ايل اي مجيد برگيڊ خلاف آپريشنز تي خاص ڌيان ڏنو. پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم  ڪندڙ دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ انهن کي هٿي وٺرائيندڙن کي بي اثر ڪرڻ جو عزم ڪيو . فورم راڄڌاني ۾ اهم سرڪاري عمارتن کي محفوظ بڻائڻ ۽ پاڪستان جي دوري دوران معزز غير ملڪي وفدن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي جائز مقرري خلاف ڪيل غلط پروپيگنڊا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ”هي منظم ۽ اڳواٽ تيار ڪيل پروپيگنڊا“ ڪجهه سياسي عنصرن جي ناپاڪ ارادن جي تسلسل کي ظاهر ڪري ٿو.  جنهن جو مقصد پاڪستان جي عوام، هٿياربند فوج ۽ ادارن جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ آهي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته پرڏيهي عنصرن جي مدد سان ٿيندڙ اهڙي ناپاڪ پروپيگنڊا جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، انشاءَ الله. فورم چيو ته حڪومت لاءِ ضروري آهي ته هو ڇڙواڳ ۽ غير اخلاقي اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ زهر اوڳاڇڻ،   ڪوڙ ۽ نفرت ذريعي سماجي ورهاڱي جو ٻج ڇٽڻ سميت اهڙن عملن جي خاتمي لاءِ سخت قاعدا ۽ ضابطا ٺاهيا وڃن ۽ انهن تي عمل ڪيو وڃي. فورم چيو ته سياسي ۽ مالي فائدن لاءِ جعلي خبرون پکيڙيندڙن جي نشاندهي ڪري کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ وقت جي ضرورت آهي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪ فوج قوم جي خدمت ڪري رهي آهي بغير ڪنهن تعصب يا سياسي وابستگي جي، پاڪ فوج سمورن اندروني ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جي حفاظت ڪندي رهندي.  معصوم شهرين کي هڪ ٻئي جي خلاف ويڙهائڻ ۽ تشدد کي ذاتي فائدن لاءِ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪيو ويندو. فورم معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ، غيرقانوني سرگرمين کي روڪڻ ۽ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي حمايت جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي آرمي چيف پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيتن، آپريشنل تيارين ۽ مضبوط عزم جي اهميت تي زور ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.