اسلام آباد(م ڊ) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، آءِ ٽي سيڪريٽري اعتراف ڪيو آهي ته هنن قومي سلامتي کي خطري جي صورت ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو آهي ته انٽرنيٽ کي سست ڪرڻ جي ڪا به پاليسي ناهي، 30 هزار وي اين پي رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جنوري کان لائسنس جاري ڪنداسين، ڪميٽي ميمبرن سست انٽرنيٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، سينيٽر افنان الله خان چيو ته فائر وال جي ڪري انٽرنيٽ سست ٿي سگهي ٿو، آءِ ٽي وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، چيئرمين پي ٽي اي چيو ته پهرين جنوري کان وي پي اين لائسنسنگ شروع ڪئي ويندي، وي پي اين لائسنس ڏيڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو پر وي پي اين سبب انٽرنيٽ سست نه آهي، سينيٽر ڪامران سوال ڪيو ته ڇا هي قومي سلامتي رڳو پاڪستان جو مسئلو آهي، ڀارت سان هي مسئلو ڇو ناهي؟ پي ٽي آءِ سينيٽر همايون مهمند خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دهشتگردن سبب انٽرنيٽ بند ڪيو ويو آهي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شيزا فاطمه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيڪا جي قانونن ۾ ترميمون غور هيٺ آهن، اسان کي جعلي خبرن تي ضابطو آڻڻو آهي، آئي ٽي اسان جي ترجيح آهي، انٽرنيٽ جي سستي جا ٽيڪنيڪل سبب به آهن، اسان گذريل 3 سالن ۾ آئي ٽي ۾ ڪا سيڙپڪاري نه ڪئي آهي، 5G اسپيڪٽرم اپريل ۾ نيلام ڪيو ويندو، گهرو وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسان غير قانوني وي پي اينز کي روڪڻ لاءِ لکيو هو ته اسان ڪا سخت هدايت ناهي ڏني، رڳو هڪ درخواست ڏني هئي، سينٽر افنان الله چيو ته اسٽار لنڪ ڪڏهن شروع ٿيندي؟ آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شيزا فاطمه چيو ته اسٽار لنڪ جلد لانچ ڪيو ويندو، حڪومت ايلون مسڪ جي سيٽلائيٽ انٽرنيٽ ڪمپني اسٽار لنڪ کي پاڪستان آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن انهن علائقن ۾ انٽرنيٽ فراهم ڪري سگهي جتي انٽرنيٽ جي فراهمي ۾ چئلينجز آهن.اجلاس دوران انٽرنيٽ سگنل غائب ٿيڻ تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي، ميمبرن مملڪتي وزير شيزا فاطمه کي موبائيل سگنل ڏيکاريا، 4 کان 5 منٽن جي معطلي کانپوءِ بحال ڪئي وئي.