ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اردو زبان نوجوانن جي زبان ۽ سرمايو آهي ۽ اها برصغير جي وڏي ٻولي آهي، جيڪا سموري ملڪ جي شهرين جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو واءِ ايم سي ميدان ۾ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي 17 هين اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته ملڪ جي ٻين ٻولين ۾ به علم ادب ۽ رواداري موجود آهي اردو ڪانفرنس ۾ جشن ڪراچي، شهر ۾ مرڪزي حيثيت حاصل ڪئي آهي، ڪراچي شهر جي هر گهٽي ۽ محلي ۾ رهندڙ مختلف زبانن وارين شهرن جو پنهنجو پنهنجو منفرد انداز آهي، هي ڪانفرنس صرف اردو جو جشن نه آهي، پر سڀني ملڪ جي ٻولين جي يڪجهتي جو اظهار پڻ آهي، هن چيو ته ٻين علائقائي ٻولين جي شاهوڪار لساني ۽ ثقافتي ورثي وارن انقلابي قدمن ڪراچي کي عالمي ثقافتي مرڪز ۾ تبديل ڪيو آهي، سنڌ مدرسه السلام جي سامھون هڪ قديم شاهوڪارن جي عمارت جو حال ڏسي سخت افسوس ٿيو آهي، ان جو سبب پڇيو ويندو ۽ اهڙين قديم تاريخي عمارتن ۾ موجود ماڻهن کي ان سارسنڀال تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، وڏي وزير چيو ته هو ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ هتي ئي تعليم حاصل ڪري انجنيئر به بڻيو ۽ هاڻي صوبي جو سربراهه پڻ ٿيو آهي، پر هن سڄي دنيا گھمندي ڪراچي جهڙو شهر ڪٿي به نه ڏٺو آهي، جنهن جي تصور کي خراب ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 16 سالن کان صوبي ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، جنهن ٻين عوامي ڪمن سان گڏ ادب ۽ آرٽ جي به خدمت ڪئي آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سوشل ميڊيا جو سهارو وٺڻ بدران ادب، آرٽ ۽ فڪر جو هٿ پڪڙي اڳتي وڌيو هو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پارٽي سربراهه ۽ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري 26 هين آئيني ترميم لاءِ سڀني سياسي پارٽين وٽ ويو ۽ سڀني کي گڏ ڪري ڪم ڪيو، اسان به صوبي ۾ سڀني سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيون، پر نوجوانن جي ذهنن کي سوشل ميڊيا وسيلي گدلو ڪيو پيو وڃي، پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاھ چيو ته ڪراچي شهر جون ٻانهون ڪشاديون آهن ، جيڪا ٻاهران ايندڙ هر ماڻهو کي ڀليڪار ڪن ٿيون، مون کي آرٽس ڪائونسل جي ترقي ۽ اردو ڪانفرنس ڪرڻ تي ماضيءَ ۾ شهر تي قابض قوتن ۽ لنڊن ۾ ويٺل انهن جي اڳواڻ طرفان ڌمڪيون به مليون هيون، صحافي ۽ ليکڪ غازي صلاح الدين چيو ته ڪراچي ۾ گذريل 77 سالن کان آبادي وڌي رهي آهي، شهرن جي سڃاڻپ ادب آرٽ ۽ فڪر به هوندو آهي، نوجوانن کي ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي پوندي، ادبي ثقافتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ گهرجي، نامور فنڪار ۽ ڊراما ليکڪ انور مقصود چيو ته ڪراچي تي گفتگو ڪرڻ تي خوف ٿئي ٿو، ايم ڪيو ايم جا شروعاتي مطالبا درست هئا، بعد ۾ ان ۾ نوجوانن غلط رستا اختيار ڪيا، احمد شاهه آرٽس ڪائونسل جو مولا جٽ آهي. اردوءَ ڪانفرنس ۾ نامور شاعر پروفيسر پيرزاده قاسم، عبدالحميد آخوند، رمضان بلوچ، ثروت معين الدين، اباسين يوسف زئي ۽ رفعت عباس کي آرٽ ڪائونسل ڪراچي طرفان عمر ڀر جي خدمتن جو ايوارڊ ڏنو ويو. اردو ڪانفرنس ۾ نورالهديٰ شاھ، مظهر عباس، سهيل وڙائچ، رمضان بلوچ ۽ لنڊن، آمريڪا، دبئي، ڪيناڊا ۽ ٻين ملڪن جي شاعرن، اديبن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل ۽ جوش مليحه آبادي جي 70 هين سالگرهه جو ڪيڪ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سيد ذوالفقار علي شاھ، احمد شاهه، انور مقصود، غازي صلاح الدين ۽ ٻين گڏجي ڪٽيو ۽ ڪبوتر پڻ اڏايا.