پنوعاقل (رپورٽ: ارشاد رستم انڍڙ) پنوعاقل ڀرسان رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ۾ جنگا مھر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ سرڪاري زمين تي قبضي تان ھلندڙ جھيڙو ھڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، جهيڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ جنگا مهر ڌر جا ٻھ سڳا ڀائر امداد مھر ۽ ابراهيم مھر مارجي ويا جڏھن ته سندن سئوٽ غلام فريد مھر سخت زخمي ٿي پيو. جهيڙي جو اطلاع ملڻ تي پوليس جهيڙي واري هنڌ کان پري بيهي مقتولن جا لاش کڻڻ لاءِ ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. فائرنگ بند ٿيڻ کان پوءِ مقتولن جي لاشن ۽ زخمي کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل آندو ويو جتان زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس سکر ريفر ڪيو ويو آھي. واضح رھي ته ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار سبب ھن مھل تائين ٻنھي ڌرين جا 11 ڄڻا مارجي چڪا آهن.