ٽنڊي محمد خان ۾ رضا زنگيجو کي مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج

ڪراچي/سکر/ٽنڊو محمد خان (م ڊ+رستم انڍڙ+اويس حيدر شورو) نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ صحافي فياض نائچ چيو ته  علي رضا زنگيجو جيڪڏهن ڏوهاري هو ته ان کي عدالت وٺي وڃڻو هو، ڊاڪٽر شاهنواز سان به ائين ٿيو هو، پوليس کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته ڪنهن کي به قتل ڪري ڇڏي. پوليس شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناهي ڪري سگهي. علي رضا زنگيجو جي ڏوهي رڪارڊ بابت پوليس جو بيان صحيح آهي يا غلط اهو عدالتون طئي ڪنديون پر پوليس جو موقف رد ٿيل آهي، ڏوهاري کي قتل نٿو ڪري سگهجي. تجزئي ڪار امداد سومري نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس مقابلا ڪندي ته پوءِ عدالتون بند ڪري ڇڏيون؟ جڏهن پوليس ڏوهه ثابت ناهي ڪري سگهندي ته پوءِ ان کان بچڻ لاءِ فل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪيو ويندو آهي ۽ اهو عمل ڏوهن کي هٿي وٺرائي ٿو. پوليس جيڪو مقابلو ڪيو آهي اهو کين ثابت ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اڪيلي ماڻهو پوليس کي ڪيئن مجبور ڪيو ته پوليس مٿس گوليون هلائي؟ جڊيشل سسٽم، پراسيڪيوشن جو نظام جاچ ۾ گهڻي تڪليف نٿو ڪري، ان لاءِ ماڻهن کي مارڻ سولو طريقو بڻجي ويو آهي. پوليس جو موقف مڃي نٿو سگهجي، ان جي جڊيشل انڪوائري ٿيڻ گهرجي. ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان ۾ سول سوسائٽي، قومپرست ڪارڪنن، زنگيجا برادري طرفان سکر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل علي رضا زنگيجو جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو جنهن جي اڳواڻي صدام، نديم زنگيجو، جاويد هاليپوٽو، گلشير ڪولاچي، زاهد جسڪاڻي ۽ بين ڪئي. احتجاج کي خطاب ڪندي هنن چيو ته سکر پوليس بنا ڏوھ جي نوجوان علي رضا کي سندس گهر ڀاتين آڏو بس مان لاهي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو جنهن جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. سکر پوليس جي دهشتگرد ڪارروائي ۾ ملوث اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري سندن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو. هوڏانهن سکر پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل علي رضا رنگيجو جي وارثن سان مختلف برادرين ۽ اڳواڻن پاران تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. اڳواڻن واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.