”سنڌ سڪائڻ نامنظور“ميرپورخاص ۾ اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪميٽي جي ريلي،ڌرڻو

ميرپورخاص(رپورٽ:صالح اوٺو) سنڌو درياهه تي پنجاب پاران 6 ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف اينٽي ڪئنال ايڪشن ڪميٽيءَ پاران هزارين آبادگار، ھاري، وڪيل ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا پورو شهر سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، پاڻي تي ڌاڙو نامنظور جي نعرن سان گونجي اٿيو، پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي اڳواڻ  سيد زين شاھ چيو ته صدارتي محل مان نڪتل فيصلي کي نٿا مڃون، اسان في الحال مطالبو ٿا ڪريون ته اھو فيصلو واپس ورتو وڃي، پر جيڪڏھن زور زبردستي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته سنڌو جو پاڻي پنجاب جو  آھي ته پوءِ سمنڊ به سنڌ جو آھي، ٿر جو ڪوئلو ۽ گئس به سنڌ جو آھي، ان ڪري اسان چئون ٿا تھ آئين جو احترام ڪريو ۽ زبردستي فيصلا نه مڙھيو سنڌ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن هن چيو ته سنڌ خلاف وڏي عرصي کان ٿيندڙ سازشن کي روڪڻ ۽ ناڪام بنائڻ لاءِ هاڻ سنڌ جي ماڻھن کي پنهنجن حقن جي حفاظت ۽ جياپي لاءِ وڏي جدوجھد لاءِ تيار رھڻ گھرجي،سنڌ آبادگار بورڊ جي مرڪزي صدر محمود نواز شاھ چيو ته گرين پاڪستان جي نالي ۾ اسان کي ڪوڙا انگ اکر ٻڌائي دوکو ڪيو پيو وڃي. ھن چيو تھ گريٽر ٿر ڪئنال، چئوبارا منصوبي ۽ گريٽر بلوچستان ڪئنال منصوبي کانپوءِ 35 لک ايڪڙ زمين نه پر92 لک ايڪڙ بنجر زمينون پوکڻ لاءِ سنڌو مان پاڻي کنيو ويندو، جنھن سان سنڌ تباھ ٿي ويندي اسان کي اھو لولي پاپ نه ڏنو وڃي تھ ھن منصوبي تحت سعودي عرب پئسا کڻي پيو اچي، اھي پئسا اڳ به آيا ۽ کاڄي ويا، ھاڻ به آيا تھ کاڄي ويندا، مُلڪ جي  ترقي چاھيو ٿا ته آبادگارن کي پاڻ ڀرو ڪريو، زراعت کي جدت ڏياريو سنڌين ۽ سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ بند ڪيو هن چيو ته اسان حڪومت جو ساٿ ڏنو پر حڪومت جيڪڏھن اسان جي روزگار خلاف ملڪ ۽ سنڌ خلاف فيصلا ڪيا ته اسان جا رستا الڳ ھوندا، ھاڻ گھر ويٺي ڳالھيون ڪرڻ بدران ميدان ۾ نڪرڻو پوندو. ھن چيو ته اڳي درياءَ جي ڪري ڪيٽي بند اسان جو وڏو بندرگاھ ھو، پر پاڻي نه اچڻ ڪري ھاڻ اتي سُڃ لڳي پئي آھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب لکين ايڪڙ ٻني سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻ نواب زبير ٽالپر چيو ته ارسا جي انگن اکرن موجب سنڌ کي 21 سيڪڙو پاڻي گھٽ ملي رهيو آهي جنهن ڪري سنڌ کي اڳ ۾ ئي پنھنجي حصي جو پاڻي نھ پيو ملي، ھاڻ نوان ڪئنال ٺھڻ سان وڌيڪ تباھي ايندي ۽ ڪراچي، حيدرآباد ڄامشورو سميت سنڌ جي ٻين شهرن کي به پيئڻ لاءِ پاڻي نھ ملندو. ھن چيو ته سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف فوري طور سنڌ اسيمبليءَ مان ڪئنال خلاف قرارداد منظور ڪئي وڃي قرارداد منظور نه  ڪئي وئي ته اسان ايم پي ايز جو گھيراءَ ڪري سندن گھرن اڳيان احتجاج ڪنداسين ۽ پنجاب ڏانھن ويندڙ روڊ، رستا، ريلوي بند ڪنداسين،آبادگار اڳواڻ ذوالفقار يوسفاڻي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جنھن مان رڳو 2 ڪئنال پئي نڪتا، اھو اسان لاءِ موت جو مسئلو ھو ڪالا باغ مان 2 ڪئنال نڪرڻ تي سڄو سنڌ سراپا احتجاج ھو سنڌ ان کي رد ڪرايو ھي 6 ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن انهن کي سنڌ جي عوام ڪيئن ٺهڻ ڏيندو چيمبر آف ايگريڪلچر جي اڳواڻ زاھد ڀرڳڙي چيو ته ارسا جي تازن انگن اکرن موجب انڊس رور سسٽم ۾ 21 سيڪڙو پاڻيءَ جي کوٽ آھي، نون ڪئنالن لاءِ پاڻي ئي موجود ناھي ته اھي ڪھڙي آڌار تي ٺاھيا پيا وڃن. ھاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص جي صدر ايڊووڪيٽ علي حسن چانڊئي چيو تھ پنجاب پنھنجا سڀ درياءَ وڪڻي ھاڻي سنڌ کي ملندڙ ٿورو گھڻو پاڻي بھ کڻڻ جي سازش سٽي رھيو آھي، جيڪو عمل ناقابل قبول آھي.  آبادگار اڳواڻن عمر ٻگھيو، ممتاز مري، ايس يو پي اڳواڻ امير علي ٿيٻو، منير احمد شاھ، وڪيل اڳواڻن مير پرويز ٽالپر، غفار ناريجو رامچند ارجنا، امين پنهور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ھي منصوبو سنڌ کي تباھ ڪرڻ جي سازش آھي، جنھن کي ڪنھن به ريت قبول نه ڪيو ويندو آخر ۾ گڏيل طور قرار داد منظور ڪئي وئي ته فوري طور سنڌو تي ڪئنال اڏڻ جي منصوبي جي خاتمي جو اعلان ڪيو وڃي ۽ ڊگھڙي شگر مل پاران آبادگار اڳواڻن کي سندن رهتون ڏيڻ بدران سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ ممتاز مري سميت ٻين آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي سخت مذمت ڪندي آبادگارن پاران ڊگھڙي شگر رهتن جي ادائيگي ۽ پٽيشن واپس وٺڻ تائين مل کي ڪمند فراهم نه ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.