ڪراچي/ ٺٽو (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو ته سنڌ جي ڀرپور احتجاج ۽ خدشن باوجود وفاقي حڪومت طرفان سنڌوءَ مٿان نوان ڪئنال اڏڻ جي هوڏ افسوسناڪ ۽ قومي ٻڌيءَ ۾ ڏار وجهڻ برابر آهي، 08 ڊسمبر تي جماعت اسلامي طرفان ڪئنالن خلاف شڪارپور ۾ سنڌو بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ ڪڍيو ويندو. سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ پ پ ڀاڱي ڀائيوار آهي ڇو ته 08 جولاءِ تي ايوان صدر مان سنڌوءَ مٿان 06 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ واسين جو ساهه آهي ان کي بچائڻ لاءِ هر فورم تي جاکوڙ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾ تنظيمي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته جماعت اسلامي طرفان 15 ڊسمبر تائين ميمبر شپ مُهم ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ڪارڪن گهر گهر وڃي ڪري جماعت اسلامي جي دعوت ۽ پيغام پهچائن.