سنڌو درياهه ڪنهن به صورت ۾ کسجڻ نه ڏينداسين:قادر مگسي

حيدر آباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي مرد  توڙي عورتون گڏ ٿي سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف تاريخي احتجاج رڪاڊ ڪرائيندا. هن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ کسجڻ نه ڏينداسين. حڪمرانن کي هوش سنڀالڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ شامل سمورن صوبن کي برابري جي بنياد حق ڏيڻ سان گڏ انهن جي رضامندي سان فيصلا ڪرڻ گهرجن. سنڌ ڪو فتح ٿيل علائقو ناهي پر اها پنهنجي مرضي سان پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.