وفاق نوان ڪئنال اڏي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: عبدالفتاح سميجو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سٽي ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو چيو ته وفاقي سرڪار سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏي سنڌ کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هنن پ پ وارن سان گڏجي سازش شروع ڪئي آهي. سنڌ مان تيل گيس ۽ ٻي معدنيات نڪري ٿي پر سنڌ تي ڪجهه به خرچ نه پيو ڪيو وڃي، 8 ڊسمبر تي گورنر هائوس آڏو سنڌوءَ تي واهه ٺاهڻ خلاف ڌرڻو هڻنداسين. ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيل سنڌ جي ڪاز لاءِ قومي جنگ وڙهنداسين. نائب صدر نصرالله جلباڻي چيو ته ڪراچي بار ايس ٽي پي سان گڏ آهي. جنرل سيڪريٽري اختيار چني چيو ته 1958 ۾ به وڪيلن احتجاج ڪيو هو، ان وقت انگريزن جو دور هو، هاڻي سازشون ڪري پيو ڪري؟ ڪراچي بار هميشه سنڌ خلاف سازش تي آواز اٿاري ٿي. سنڌ آهي ته ملڪ آهي، 72 سيڪڙو روينيو سنڌ صوبو ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.