عزير بلوچ جو ڀاءُ زبير بلوچ 12 سالن کانپوءِ آزاد ٿيندي ئي لاپتا

ڪراچي (رپورٽر) لياري گينگ وار جي عزير بلوچ جو ڀاءُ زبير بلوچ ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد گم ٿي ويو. ان سلسلي ۾ سندس ماءُ  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ چيو ويو ته منهنجو پٽ 12 سالن کانپوءِ هڪ ڏينهن اڳ رات 8 وڳي جيل مان آزاد ٿيو، جنهن کي ٻيهر گهر مان حراست ۾ ورتو ويو. زبير بلوچ جي ماءُ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته کيس ڊپ آهي ته سندس پٽ کي دشمنن حوالي ڪيو ويندو. عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻئي پاسي لياري واسي بلوچ برادري جي عورتن زبير بلوچ جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ زبير بلوچ جي گهر واري هميرا بلوچ، ڌيءَ ابرا، امڙ رضيه، خضرا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  گذريل رات دير سان زبير بلوچ کي حراست ۾ ورتو ويو، هو جيل ڪاٽي آزاد ٿيو هو، سندس ڪهڙو ڏوهه آهي جو کنيو ويو. هنن چيو ته حد جي پوليس لاتعلقي ڏيکاري رهي آهي. وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته زبير بلوچ جو ڪنهن ڪيس ۾ نالو ناهي جلد زبير بلوچ کي آزاد ڪيو وڃي. مٿس ڪو ڪيس آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.