اسلام آباد(م ڊ) سعودي ڊولپمينٽ فنڊ پاڪستان لاءِ 3 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڊالر ڊپازٽ جو مدو ڪالهه ختم ٿي رهيو هو ته سعودي ڊولپمينٽ فنڊ 3 ارب ڊالرن جي رقم ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، اسٽيٽ بئنڪ موجب 2021ع ۾ حاصل ڪيل 3 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ ۾ ٽيون واڌ دوستاڻن لاڳاپن جي نشاني آهي، واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف تازو ئي رياض ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي.
ڪنهن به ماڻهو جي جنس تبديل ڪرڻ ناجائز قرار
اسلام آباد (م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪنهن به فرد جي پنهنجي جنس تبديل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته اسلام ۾ پنهنجي جنس جي پاڻ مرادو تعين ڪرڻ جي اجازت ناهي، اسلامي تعليم موجب هر فرد جي جنس پيدائش طور طئي ٿيل آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرنامي موجب اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شخص جو واضح جنس تبديل ڪرڻ ناجائز آهي جيتوڻيڪ غير واضح جنس جو ابهام ختم ڪري جنس جو تعين ڪرڻ جائز آهي، ڪائونسل چيئرمين جو چوڻ آهي ته خسي ماڻهو لاءِ ٽرانسجينڊر بدران انٽرسيڪس لفظ استعمال ڪيو وڃي، علامه راغب نعيمي جو چوڻ آهي ته مرد کي عورت ۽ عورت کي مرد جهڙي شڪل اختيار ڪرڻ اسلام ۾ ناجائز آهي، پنهنجي احساسن جي بنياد تي پيدائشي جنس جي ابتڙ سڃاڻپ بيان ڪرڻ شرعي حڪمن سان ٽڪراءُ آهي، بيان ۾ چيو آهي ته اهڙي بيمار يا پيدائشي عيب رکندڙ ماڻهن کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ يا تشدد ڪرڻ جائز ناهي، والدين کي گهرجي ته هو اهڙن ماڻهن کي خاندان سان گڏ رکن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪوثر جي ترقي معطل ڪري ڇڏي
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جناح اسپتال جي پروفيسر ڊاڪٽر ڪوثر جي گريڊ 20 ۾ ترقي کي معطل ڪري ڇڏيو. جناح اسپتال جي سينيئر آفيسرن ڊاڪٽر سليمان ۽ ڊاڪٽر يحييٰ ڊاڪٽر ڪوثر جي ترقي کي چئلينج ڪيو هو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊاڪٽر ڪوثر کي صحت کاتي قانون جي ابتڙ گريڊ 19 مان 20 ۾ ترقي ڏني. ڊاڪٽر ڪوثر بنيادي طور تي فزيالاجي جو پروفيسر آهي جنهن کي غيرقانوني طور تي فارماڪالاجي ۾ گريڊ 20 ۾ ترقي ڏني وئي. جسٽس ظفر راجپوت ۽ جسٽس عدنان چوڌري تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڊاڪٽر ڪوثر عباس جي ترقي کي معطل ڪيو. درخواست گذارن طرفان ڪيس جي پيروي قانوندان سلمان طالب الدين ڪئي.
مارشل لا لڳائڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي آرمي چيف پاران استعيفيٰ جي آڇ
سيول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي آرمي چيف مارشل لا لڳائڻ تي استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، ان کان اڳ بچاءَ واري وزير به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي آرمي چيف پارڪ اون سو پارليامينٽ کي ٻڌايو ته مارشل لا لاڳو ڪرڻ جي اعلان سان منهنجو ڪو به واسطو نه هو، استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اسان فوج جي پروفيشنل ڪم جا ماهر آهيون ۽ مارشل لا (فوجي راڄ) جا ماهر نه آهيون، پرڏيهي ميڊيا موجب صدر کي مارشل لا لڳائڻ جي تجويز پيش ڪندڙ ڪوريا جي بچاءَ واري وزير جي استعيفيٰ به قبول ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مٿس ملڪ ڇڏڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
شاهه محمود، ياسمين راشد، عمر چيما ۽ ٻين تي 9 مئي ڪيس ۾ فرد جرم
لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي گاڏين کي باهه ڏيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، عمر سرفراز چيما، ميان محمود الرشيد ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سمورن جوابدارن کي جيل ۾ قائم عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، سمورن جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت 16 ڊسمبر تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو، جوابدارن خلاف سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.