ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيندڙ سنڌ جي جامع ۽ پائيدار ترقي لاءِ مقامي ۽ بين الاقوامي ڀائيوارن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن پاران مقامي هوٽل ۾ بين الاقوامي ترقياتي ڀائيوارن سان سھڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي ميزباني وزير منصوبابندي ناصر حسين شاهه ڪئي، تقريب ۾ سنڌ حڪومت جي اوليتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن ۾ گورننس، انفراسٽرڪچر، پبلڪ سروس ڊليوري ۽ موسمياتي اثرن کي منهن ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه سماجي ۽ معاشي بدحالي ۽ موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورتن تي زور ڏنو، جيڪي سنڌ جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. هن چيو ته 2022 جي تباهي واري ٻوڏ جنهن سنڌ جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ۽ انتظاميا لاءِ آواز قرار ڏنو آهي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي پر ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا موجود آهن. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي سهڪار سان اسان هڪ اهڙي سنڌ ٺاهي سگهون ٿا جيڪا مضبوط، جامع ۽ ترقي يافته هجي. مراد علي شاهه 21 لک ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ گهرن جي تعمير لاءِ فوري سيڙپڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو.