ڪجهه ڪلاڪن جي مارشل لا لڳائيندڙ ڪوريائي صدر جي مواخذي جو بل پيش

سيول (م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي اپوزيشن پارٽين ناڪام مارشل لا کانپوءِ صدر يون سڪ يول خلاف مواخذي جي تحريڪ داخل ڪري ڇڏي آهي،  جڏهن ته هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، پرڏيهي ميڊيا موجب، اپوزيشن جي اهم پارٽي ڊيموڪريٽڪ پارٽي سميت 6 اپوزيشن پارٽين جو چوڻ آهي ته هنن صدر خلاف مواخذي جي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي جمعي تائين ووٽنگ ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن مواخذي جي منظوري ملي ٿي ته يون خلاف آئيني عدالت ۾ ڪيس هلايو ويندو، جيڪو کيس عهدي تان هٽائڻ جو اختيار رکي ٿو، ٻي پاسي صدر يون سڪ يول جي عملي خاص طور بچا واري وزير سميت ميمبرن پنهنجون استعيفائون ڏئي ڇڏيون، صدارتي آفيس طرفان جاري بيان موجب صدر جي سمورن سينيئر سيڪريٽرين کانسواءِ چيف آف اسٽاف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ ڊائريڪٽر آف نيشنل پاليسي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد پيپلز پاور پارٽي، يوون سک يول جي سربراهي ۾ هنگامي اجلاس سڏائي ۽ بچا واري وزير کي برطرف ڪيو پر ان معاملي تي اڳواڻن ۾ اختلاف ٿي پيا، هوڏانهن هزارين مظاهرين سيئول ۾ پارليامينٽ جي سامهون گڏ ٿي صدر کان فوري استعيفي جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.