ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ اڄ رپئي جي ڀيٽ ڊالر پنج پئسا مهانگو ٿي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ڪاروباري ڏينهن تي ڊالر جو اگهه 277 رپيا 92 رهيو.
انٽربئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277 رپين 87 پئسن تي بند ٿيو هو، جڏهن ته اڄ ڊالر پنج پئسا مهانگو ٿيو آهي.