”رونالڊو اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو“ ساٿي فٽبالر جو انڪشاف

رياض( ويب ڊيسڪ) سعودي فٽبال ڪلپ النصر جي اڳوڻي گول ڪيپر ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو جي ساٿي فٽبالر انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو.
هڪ بيان ۾ سعودي فٽبالر وليد عبدالله انڪشاف ڪيو آهي ته رونالڊو اسلامي تعليم ۽ سعودي عرب جي ثقافت ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.
هن ٻڌايو ته رونالڊو سچ پچ اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڏس ۾ هن ساڻس ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ۽ هن دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي.
سعودي فٽبالر وليد عبدالله جو چوڻ آهي ته النصر طرفان کيڏندي رونالڊو گول ڪرڻ بعد ميدان ۾ سجدو به ڪري چڪو آهي ۽ رانديگرن کي سدائين نماز پڙهڻ ۽ اسلامي روايتن جي پيروي ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو آهي.
هن وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته جڏهن به ٽريننگ دوران اذان ايندي آهي، رونالڊو ڪوچ کي درخواست ڪندو آهي ته پريڪٽس روڪي وڃي ته جيئن سندس ساٿي رانديگر نماز ادا ڪري سگهن.
هن چيو ته رونالڊو اسلام قبول ڪري يا نه ڪري، پر سندس ڊسپلن ۽ محنت ئي کيس ان مقام تي رسايو آهي، جيڪو به سعودي عرب ايندو آهي، اُهو رونالڊو مان متاثر ٿيندو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال جنوري ۾ رونالڊو سعودي ڪلب النصر سان اڍائي ورهين جو معاهدو ڪيو جنهن تحت النصر کيس 21 ڪروڙ 30 لک ڊالرز معاوضو ادا ڪرڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.