راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا جي ضلعي لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران پنج دهشتگردي مارجي ويا جڏهن ته ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز چار ڊسمبر تي لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيلينجس بيسڊ آپريشن ڪيو
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز طرفان آپريشن دوران دهشتگردن جي ٿاڪ کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ پنج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو جڏهن ته ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.
Next Post
You might also like