اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مدرسن جي بل واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان جي ڪاوڙ ختم ڪرڻ ۽ کيس پرچائڻ لاءِ جي يو آءِ سربراهه جي رهائش گاهه پهتو.
ميڊيا رپورٽس موجب، ملاقات ۾ اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته جي يو آءِ سربراهه مدرسا رجسٽريشن ايڪٽ تي صدر جي صحيح نه ٿيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ملاقات ۾ جي يو آءِ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، حاجي غلام علي، مولانا لفط الرحمان، مولانا اسعد محمود جڏهن ته پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف، قمر زمان ڪائرا شرڪت ڪئي.