عمر ايوب بعد شبلي فراز جي به جڊيشل ڪميشن تان استعيفيٰ، سبب سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب بعد شبلي فراز به جڊيشل ڪميشن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز به جڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس جاءِ تي هاڻي سينيٽر علي ظفر جڊيشل ڪميشن ۾ نمائندگي ڪندو.
ذريعن موجب، عمر ايوب ۽ شبلي فراز پي ٽي آءِ باني جي هدايتن تي جڊيشل ڪميشن جي رڪنيت تان استعيفي ڏني آهي.
ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ مان بئريسٽر گوهر ۽ سينيٽر مان علي ظفر جو نالو جڊيشل ڪميشن لاءِ ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.