اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تحريڪِ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي تاريخ رهي آهي ان جو احتجاج يا ريلي پُرامن ناهي هوندي.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سفرا ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ريڊ زون جي سيڪيورٽي سندن ترجيح رهي آهي، ريڊ زون جي سيڪيورٽي بابت خاص قانون لاڳو ڪيا ويا، اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاج لاءِ هنڌ جو تعين ڪيو ويو آهي، قانون پٽاندڙ ريڊ زون ۾ ڪو به احتجاج نه ٿو ڪري سگهجي.
هن پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته 24 نومبر تي پرڏيهي وفد پاڪستان جي دوري تي هو، هڪ پارٽي 24 نومبر جي اهم موقعي تي احتجاج جو اعلان ڪيو، ماضيءَ ۾ ساڳي پارٽي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزام تي احتجاج ڪيو.
نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ ان پارٽي طرفان اليڪشن ۾ 35 پنڪچرز جو بيانيو گهڙيو ويو، جڊيشل انڪوائري ۾ ثابت ٿيو ته ڪا به ڌانڌلي ناهي ٿي، تحريڪِ انصاف جي تاريخ رهي آهي ان جو احتجاج يا ريلي پُرامن ناهي هوندي.
You might also like