امڪاني عالمي دٻاءَ سبب عمران خان جي ڪورٽ مارشل بابت ڪجهه طئي نه ٿيو

اسلام آباد (فخر دراني) جنرل فيض حميد ڪيس جو فيصلو فيبروري يا مارچ تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. جنرل فيض حميد تي 2 الزام آهن جن ۾ هڪ ٽاپ سٽي هائوسنگ سوسائٽي تي قبضي جي ڪوشش وارو الزام آهي. ٻيو الزام سياسي سرگرمين ۽ آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙين جو آهي.  ذريعن موجب فيض حميد جي ٽرائل جي حوالي سان 3 رڪني فيلڊ جرنل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي فيبروري يا مارچ تائين مڪمل ٿي سگهي ٿي. ان ۾ دير ان لاءِ ٿي جو جاچ دوران وڌيڪ شيون سامهون اچي رهيون هيون. جيتوڻيڪ عمران خان ۽ فيض حميد ٻئي 9 مئي جي حوالي سان رابطن ۾ رهيا ۽ ٻنهي خلاف ثبوت سامهون آيا آهن پر عمران خان جي ملٽري ٽرائل جي حوالي سان ڪجهه طئي ناهي ٿيو. ان جو سبب اهو اهي ته ان جي نتيجي ۾ عالمي دٻاءُ اچي سگهي ٿو ۽ اهو به مونجهارو آهي ته سندس ٽرائل ڪيئن ڪيو ويندو. ان حوالي سان به ڪجهه طئي ناهي ٿيو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 04 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.