ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ينگ پارليامينٽرينز فورم جي وفد کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پاڻي جي مسلسل کوٽ سبب فصل جي پوک وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ خبردار ڪيو ته ان حوالي سان اضافي ڪينالن کي ڪڍڻ سان صوبي جي زرعي معيشت کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته 1976ع کان 2024ع تائين فقط ٻه سال هئا جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي گهڻو رهيو، ٻي صورت ۾ اهو علائقو لڳاتار کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڻي جي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ سنڌ کي سراسري طور 11 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ينگ پارليامينٽرينز فورم جي وفد وڏي وزير تي زور ڀريو ته هو کين موجود پاڻي جي وسيلن بابت ڊيٽا فراهم ڪري ته جيئن هو پارليامينٽ ۾ ان مقصد کي اجاڳر ڪري سگهن. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن به ان معاملي کي قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ پي وائي ايف جي صدر سيده نوشين افتخار، جنرل سيڪريٽري مير جمال خان رئيساڻي، اطلاعات سيڪريٽري اقبال خان، سيد علي قاسم گيلاني، علي جان مزاري، ذوالفقار بچاڻي ۽ ٻيا شامل هئا. ينگ پارليامينٽرينز فورم جي اڳواڻن اعتراف ڪيو ته صحت جون سهولتون جهڙوڪ: جي پي ايم سي، اين آئي سي وي ڊي، اين آئي سي ايڇ، گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ ايس يو آئي ٽي بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، جڏھن تھ ملڪ اندر ٻئي ڪٿي بھ اهڙا ادارا ناهن. پارلياماني ميمبرن چيو ته شهر جا روڊ رستا بهتر ٿيا آهن ۽ نوان فلائي اوور ۽ انڊر پاسز ٺهڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آئي آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ملير ايڪسپريس وي هڪ ڀيرو ٻيهر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي تعمير هيٺ آهي،الحمدلله اڄ ٿر نيشنل گرڊ ۾ 2640 ميگاواٽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي تمام گهٽ قيمت تي ڏئي رهيو آهي.