اسلام آباد (م ڊ) نئين قرض پروگرام جي ٻي قسط اوڳاڙي کان اڳ آءِ ايم ايف جا ڪيترائي شرط پورا نه ٿي سگهيا. فيبروري کان اڳ آءِ ايم ايف شرط پورا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. دستاويز موجب 39 مان 22 اسٽرڪچرل بينچ مارڪ تي جولاءِ 2025 تائين عملدرآمد جو شرط آهي. بينچ مارڪ مان 18 وفاق بابت ۽ 4 مرڪزي بينڪ بابت آهن، هلندڙ مالي سال تعليم ۽ صحت جي شعبي تي خرچن جو هدف حاصل ڪرڻ باقي آهي. وفاقي حڪومت شرطن تحت گورننس ۽ ڪرپشن بابت رپورٽ جاري ڪرڻ جي پابند آهي. دستاويز ۾ چيو ويو ته مارچ 2025 تائين ناڻي ذخيرا 3 مهينن جي درآمدي بل جي برابر آڻڻ جو شرط آهي. پبلڪ فنانس، رائيٽ سائزنگ ۽ اوڳاڙيون هدف موجب پوريون ڪرڻيون پونديون. اوپن مارڪيٽ ۽ انٽر بينڪ ۾ ايڪسچينج ريٽ ۾ 1.25 سيڪڙو کان وڌيڪ فرق نه پوندو. ڪرنسي سوئيپ جو ڪاٿو 2.75 ارب ڊالر کان وڌيڪ نه هجڻ به شرطن ۾ شامل آهي. شرطن تحت حڪومت مرڪزي بينڪ کان اوڌر نه وٺندي، حڪومت گذريل سال کان مرڪزي بينڪ کان اوڌر نه وٺڻ جي شرط تي عمل ڪري رهي آهي. دستاويز موجب ايف بي آر کي هلندڙ مالي سال 12 هزار 913 ارب رپيا ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻو پوندو.
-
پاڪستان مظاهرين سان عزت ۽ احترام سان پيش اچي: آمريڪا
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ٻين ملڪن وانگر پرامن طريقي سان مظاهرين سان منهن ڏئي، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته احتجاج پرامن هجن ۽ پاڪستان جي حڪومت به چاهيون ٿا ته پرامن مظاهرين سان عزت ۽ احترام سان پيش اچي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حملن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسان دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون، پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي، هوائي نگران جي سامان جي فراهمي جو جلد اعلان نه ٿا ڪري سگهون.