عمران خان تڪراري، ٽرمپ کي پري رهڻ جو مشورو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پي ٽي آءِ جي باني کان پري رهڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، مشهور آمريڪي اخبار واشنگٽن ايگزامنر ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون ۾ پي ٽي آءِ باني جي سياست آمريڪي مفادن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، سندس سياسي حڪمت عملي جو بنياد آمريڪا مخالف آهي ۽ هن پنهنجي سياسي مفادن لاءِ آمريڪا مخالف مهم هلائي، جنهن کيس عوام ۾ مقبول بڻايو، پي ٽي آءِ باني جي شخصيت تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، طالبان جي حمايت، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ اسامه بن لادن بابت سندس خيال آمريڪا جي حمايت جي بلڪل ابتڙ آهن،عمران خان هڪ تڪراري شخصيت آهي، آمريڪي حڪومت ڪنهن به نئين تڪرار جي متحمل نه ٿي سگهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هميشه پائيدار امن جي ضمانت رهيا آهن ۽ پي ٽي آءِ باني سان سهڪار سان ٻه طرفا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا، آمريڪي حڪومت جي بهتري پي ٽي آءِ جي باني کان پري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.