اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي، اسپيڪر کي موڪليل استعيفا ۾ هن چيو آهي ته منهنجي جاءِ تي بئريسٽر گوهر ميمبر هوندو، منهنجي استعيفا منظور ڪئي وڃي، ياد رهي ته عمران خان عمرايوب ۽ شبلي فراز تي ڪيس داخل هجڻ سبب جڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجا نمائندا تبديل ڪيا آهن.