ڪراچي/ ڌاٻيجي( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر+ وفا مقصود جوکيو) وفاق سنڌ جي ترقياتي رٿائن لاءِ بروقت فنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته موجوده اتحادي حڪومت پاڪستان کي ترقي طرف وٺي وڃڻ لاءِ اهڙن منصوبن ذريعي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن پاڪستان جي سمورن علائقن خاص ڪري پٺتي پيل علائقن کي ترقي ڏياري سگهجي. هن چيو ته ملڪ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر گذريل ٻن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪي سڌارا عمل ۾ آيا آهن ان جو وڏو ڪريڊٽ پاڪستان جي جهموريت قوتن خاص ڪري پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڃي ٿو جيڪي ملڪ جون وڏيون سياسي پارٽيون آهن انھن جي قيادت ۾ ان ميثاق جهموريت جي روح مطابق جنھن تي محترمه بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف صحيحون ڪيون ھيون، ان اهو ثابت ڪيو آهي ته ھن ملڪ کي جتي مقابلي واري سياست جي ضرورت آهي اتي يڪجهتي جي سياست جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اھو مثال قائم ڪيو آهي ته اسان ھڪ ٻئي جا سياست ۾ حريف ٿي سگهون ٿا پر قومي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ آهيون، جڏھن بہ پاڪستان جي ڳالھ ايندي انھن پارٽين گڏجي ھڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ پاڪستان جي مفاد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو مظاھرو ڪيو آھي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوسٽل هاءِ وي ڪيٽي بندر منصوبي جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل سنڌ علي حسن زرداري، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، پيپلز پارٽي ٺٽي جو ضلعي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو، ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان، امتياز قريشي، سيد محمود عالم شاهه ۽ ٻيا به وفاقي وزير سان گڏ هئا. ان موقعي تي رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي ڪوششن سان وفاقي حڪومت ڪوسٽل هاءِ وي ڪيٽي بندر ميگا پروجيڪٽ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي جو منصوبو سنڌ حڪومت شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ خاص طور تي ساحلي علائقن جي ترقي لاءِ وفاق 37 سيڪڙو ادا ڪري رهيو آهي . هن چيو ته پاڪستان جا ساحلي علائقا سمنڊ جي ڪري متاثر ٿي رهيا آهن، هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جو منصوبو خاص طور تي اوڀر جي ساحلي علائقن کي ٻوڙي وڃڻ کان بچائڻ ۾ اهم منصوبو ثابت ٿيندو، نه رڳو ايترو پر ٺٽي، بدين ۽ ڪيٽي بندر تائين ڪوسٽ لائين هاءِ وي جي اڏاوت سان ھتي ماهيگيري جي صنعت کي به فروغ ملڻ سان گڏ تجارتي سرگرميون به تيز ٿينديون هن چيو ته اسان 20 سڀ کان پٺتي پيل ضلعن جي ترقيءَ جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ بلوچستان صوبي جا 11 ضلعا، سنڌ صوبي جا 5 ضلعا ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جا 3 ضلعا ۽ پنجاب جو هڪ ضلعو شامل آهن تہ جيئن انهن پٺتي پيل ضلعن کي کي تيزيءَ سان ترقي ڏياري سگهون. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته 1991ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۽ نواز شريف جي وزارت عظميٰ دوران سموري قيادت گڏجي پاڪستان پاڻي معاھدي تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪو هڪ مضبوط فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو جنهن تي سمورا صوبا متفق آھن. هن چيو ته معاهدي تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته ڪو به صوبو ٻئي صوبي جو پاڻي ڌاڙو ھڻي سگهي ٿو ۽ نه ئي چوري ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ان مقصد لاءِ وفاقي حڪومت هڪ وڏو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي جنهن ذريعي ٽيليميٽري سسٽم کي موثر بڻائڻ لاءِ نوان اوزار ۽ سامان امپورٽ ڪيا پيا وڃن ۽ ٽيڪنالوجي ذريعي شفاف ميڪنزم جوڙيو ويندو ته جيئن ڪنهن به صوبي کي شڪايت نه هجي تہ ان جي حصي جو پاڻي پورو ٿئي رهيو آهي يا نه. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان يقين ڏياريان ٿو ته وفاقي حڪومت 1991ع واري پاڻي معاهدي کي دل سان قبول ڪري ٿي ۽ ان تي عمل بہ ڪندي ۽ ڪنهن به صوبي کي شڪايت نه ٿيندي، ان جي حقن جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي جن منصوبن تي اتفاق ڪيو هو، پاڪستان جي سمورن منصوبن کي آءِ ايم ايف جي معاهدي کانپوءِ 300 ارب رپين جي ڪٽوتي لڳي پر سنڌ حڪومت جي منصوبن کي ان ڪتوتي کان ٻاهر رکيو ويو آهي. توهان سياست ۾ پنھنجي مخالف کي نفرت ۽ دشمني ۾ تبديل ڪيو ۽ ملڪ لاءِ ڪم به نہ ڪري سگهو. هن چيو ته اهو ئي جذبو آهي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلال ڀٽو زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ ايم ڪيو ايم ۽ ٻيا اتحادي سڀ ان جذبي سان گڏجي ڪم ڪري رھيا آھن تہ جيئن پاڪستان کي ھڪ مضبوط معاشي بنياد فراهم ڪرڻو آھي. هن چيو ته پاڪستان ريڊ زون مان نڪري گرين زون ۾ اچي چڪو آهي ۽ هاڻي ڪنهن کي به پاڪستان کي ٻيهر ريڊ زون ۾ اڇلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ان جو هڪ مثال جڏهن هڪ پارٽي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ آئي ۽ ان ڌرڻي سان گڏ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ساڍا ٽي کان چار ھزار پوائنٽ ڪري ويا جيئن ئي انھن جي اھي پٺيان ويا ۽ ميدان ڇڏي ڀڳي تہ ان سان گڏ ساڍا چار ھزار پوائنٽ اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي آئي. ھن چيو تہ ھي ھڪ پيمانو آھي تہ ھن وقت ملڪ کي ڪھڙي قسم جي سياست جي ضرورت آھي، پاڪستان کي ھن وقت تعاون، يڪجهتي، امن ۽ تعمير ۽ ترقي جي سياست جي ضرورت آھي. ٽيڪس اوڳاڙي بھتر ٿيندي تہ ان سان وفاق ۽ صوبن کي پڻ زيادہ وسيلا ملندا، ڇوتہ وفاق جيڪو ٽيڪس گڏ ڪري ٿو ان ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو صوبن ڏانھن وڃي ٿو، ھن چيو تہ جيڪڏھن وفاق جي اوڳاڙي وڌندي تہ صوبن کي 60 سيڪرو فائدو ٿيندو. ان کان اڳ ورڪس سروس جي عملدارن وفاقي وزير کي ساحلي پثي ۽ ڪوسٽل ھاءِ وي جي ترقياتي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منصوبابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪوسٽل هاءِ وي جي تعمير ۽ پلاننگ ڪميشن ۾ منظوري/ اختيار نه ملڻ سبب التوا هيٺ 20 منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪوسٽل هاءِ وي کي اقتصادي راهداري بڻايو ويندو ڇوته اهو ڪيٽي بندر، ڪراچي ۽ اندون ملڪ ويندڙ سمورن هاءِ ويز سان ڳنڍيل آهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ پي اينڊ ڊي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال وڏي وزير کي ٻڌايو ته هن ۽ پي اينڊ ڊي واري وزير ناصر شاهه اڄ (اڱارو) ڪوسٽل هاءِ وي جي ٻئي مرحلي جي سائيٽ تي زمين برابر ڪري شروع ڪئي آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن تائين سامان پهچائڻ لاءِ رسائي فراهم ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهو نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان ڳنڍيل آهي. پي اينڊ ڊي واري صوبائي وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي زير تعمير ڪوسٽل هاءِ وي بابت بريفنگ ڏني. ڪوسٽل هاءِ وي: سنڌ ڪوسٽل هاءِ وي جي ڪل ڊگھائي 279 ڪلوميٽر آهي، اين 5 گهارو، ضلعي ٺٽي کان شروع ٿي، علي بندر، ضلعي بدين تائين پکڙيل آهي. سنڌ جي وڏي وزير احسن اقبال سان مختلف صوبائي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪي گذريل ٻن سالن کان نظرثاني لاءِ التوا هيٺ آهن. انهن منصوبن ۾ حيدرآباد پيڪيج جي حصي طور اوڀر جي تعمير ۽ ڏکڻ ۾ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جي توسيع شامل آهي. حيدرآباد شهر کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ فلٽر پلانٽ ۽ واٽر سپلاءِ نيٽ ورڪ جي توسيع شامل آهي. وفاقي وزير وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته سندس منظوري جلد جاري ڪئي ويندي. سائيٽ انڊسٽريل اسٽيٽ، ڪراچي ۾ روڊن جي بحالي ۽ تعمير 13 آگسٽ 2024 کان منظوري جي انتظار ۾ آهي. ان تي وفاقي وزير احسن اقبال وڏي وزير کي ٻڌايو ته هو سائيٽ انڊسٽريل ايريا جو دورو ڪندو ۽ پوءِ ان کي پلاننگ ڪميشن کان ڪليئر ڪرائيندو. ڪراچي وانگر پلاننگ ڪميشن تفصيلي ڪاٿي لاءِ پي سي ون واپس ڪري ڇڏيو. 2022ع ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر سنڌ ۾ موجوده اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ وزيراعظم پروگرام (1800 يونٽس) کي هر لحاظ کان ڪليئر ڪيو ويو آهي ۽ پهرين ٽماهي لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. سمورن اسڪولن جا ٽينڊر هن وقت جانچ جي مرحلي ۾ آهن تنهنڪري ٻئي ٽماهي لاءِ تجويز ڪيل 2000 ملين رپيا رکڻ جي تجويز آهي جيڪي ڪافي نه آهن. وفاقي وزير چيو ته ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ فنڊ جاري ڪيا ويندا. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير ساڳئي منصوبن ۽ انهن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته ڏکيائين کي دور ڪرڻ ۾ 8 مهينا گذري ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ لسانيت کي سازش تحت هوا ڏني پئي وڃي، مسلم ليگ ن کي سنڌ ۾ به موقعو ڏنو وڃي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ ۾ شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪميٽي به ٺاهي آهي، 30 ڊسمبر مسلم ليگ ن جو يوم تاسيس آهي.