لاهور(م ڊ)وزيراعظم جي سياسي مشير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪا خبر ناهي ته ڪنهن ڪٿان فائرنگ ڪئي،اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي پارلياماني ڪميشن ٺهڻ گهرجي، وقت کان اڳ چونڊن سميت سمورن مسئلن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ڊان نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊي چوڪ تي 10 کان 15 هزار ماڻهو گڏ هئا،جن مان 7 کان 8 هزار هٿياربند هئا، اونداهي سبب ڪا خبر ناهي ته ڪنهن فائرنگ ڪئي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر پارليامينٽ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن،اسان معاملا حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته سياسي مسئلن جو حل رڳو سياسي ڳالهين ۾ آهي، هن چيو ته مان ڪي پي ۾ گورنر راڄ مڙهڻ جو مخالف آهيان،